عامر لياقت جي لاڏاڻي تي سندس اڳوڻي گهرواري طوبيٰ جو ردعمل به سامهون اچي ويو

قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت جي اڳوڻي گهرواري طوبيٰ انور به سندس وفات تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. طوبيٰ انور انسٽاگرام تي اسٽوري شيئر ڪندي عامر لياقت جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ لکيو ته پنهنجي زندگي دوران عامر لياقت ڪيئي زندگين کي متاثر ڪيو، دعا آهي ته عامر لياقت حسين جو اڳتي جو سفر آسان هجي.

طوبيٰ پنهنجي اسٽوري ۾ واهيپدارن کي درخواست ڪندي لکيو ته خدا جي واسطي جن جو نقصان ٿيو آهي، سندس ذاتي زندگي جو احترام ڪندي کيس ٿوڙي پرائيويسي ڏين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.