اي سي جي حد کان وڌيڪ استعمال بابت حواس خطا ڪندڙ انڪشاف

ڌرتي جو گرمي پد وڌي رهيو آهي، پاڪستان سميت مختلف ملڪ گرمي جي سخت پڪڙ ۾ آهن، توانائي جي کوٽ ۽ لوڊ شيڊنگ ۾ واڌاري سبب شهري انتهائي ڏکي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

اهڙي صورتحال ۾ ائير ڪنڊشنر جو استعمال ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، ڪجهه عرصو پهريان تائين اي سي لڳائڻ هڪ عياشي سمجهو ويندو هو پر هاڻي زندگي  جي ضرورتن ۾ شمار ٿيڻ لڳو آهي، گهڻي قدر آفيسن ۾ ائير ڪنڊشنر لڳل هوندو آهي، انڪري اهڙا ماڻهو گهرن ۾ به پوءِ ڀلي هڪ ئي ڇو هجي، اي سي هڻائي ڇڏيندا آهن. پر ان باوجود اي سي جو حد کان وڌيڪ استعمال ڪرڻ جا اهڙا نقصان آهن جن کي ڄاڻڻ اوهان لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي، سڄو ڏينهن اي سي وارن ڪمرن ۾ ويهڻ سان ڪيئي قسمن جو بيماريون ٿي سگهن ٿيون، جن ۾ ساهه جي بيماري، ڦڦڙن جي بيماري، جسم ۾ مستقل سور، چمڙي جا مسئلا وغيرا به پيدا ٿي سگهن ٿا.

اي سي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلا

اي سي ۾ رهڻ سان گرمي کان ته ڇوٽڪارو ملي ويندو آهي پر ان جي مستقل ٿڌ ڦڦڙن تي اثر انداز ٿيندي آهي، جيڪڏهن اي سي جي فلٽر جي هر هر صفائي نه ڪئي وڃي ته ان مان به جيوڙا ۽ گدلاڻ واري هوا سان گڏ اسان جي ساهه ۾ شامل ٿي ويندا آهن، سبب الرجي ۽ ٻيون بيماريون ٿي سگهن ٿيون .

بيڪٽيريا

هڪ خاص قسم جي بيڪٽيريا ليگيونيلانيموفيلا  سبب ساهه کڻڻ واري عمل کي متاثر ڪندڙ هڪ بيماري ليگيونيئر به ٿي سگهي ٿي، ان کانسواءِ ڦڦڙن جي متاثر ٿيڻ جو خطرو پڻ موجود رهندو آهي، جيڪي ماڻهو زڪام جا مستقل مريض هوندا آهن انهن کي خاص ڪري احتياط ڪرڻ گهرجي.

مٿو ۽ ڪلها

ائير ڪنڊشنر جي ٿڌ سبب مٿي ۽ ڪلهن ۾ مستقل سور ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي، ان جي ٿڌ جسم جي پٺن ۽ گوڏن کي متاثر ڪندي آهي، ان سان جسم جا مختلف حصا متاثر ٿيندا آهن ۽ اها ٿڌ جسم ۾ ويهي ويندي آهي.

خاص طور تي جيڪڏهن اي سي جي ڪولنگ گهڻي هجي ته پوءِ اها وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته اوهان ٿڌ مان نڪري جڏهن ٻاهر جي گرمي پد ۾ ايندا آهيو ته اهو صحت لاءِ هاڃيڪار هوندو آهي، جسم جو گرمي پد هر هر گهٽ  گهڻو ٿيندو آهي جيڪو اوهان جي جسم تي اثر انداز ٿيندو آهي.

بچاءَ جا طريقا

ڪوشش اها ڪرڻ گهرجي ته مسقتل سڄو ڏينهن اي سي ۾ نه ويهجي پر ڪجهه وقت لاءِ نارمل ٽمپريچر ۾ به پنهنجي جسم کي رکو ته جيئن ٿڌ جو اثرڪجهه گهٽجي.

اي سي جو ٽمپرچر به گهٽ نه رکو، اڪثر ماڻهن جي عادت هوندو آهي ته هو تمام گهڻي ڪولنگ پسند ڪندا آهن، تنهنڪري هو ايئر ڪنڊشنر جو ٽمپريچر 16 کان 22 جي وچ ۾ رکندا آهن، جيڪو جسم لاءِ هاڃيڪار هوندو آهي، تمام گهڻي ٿڌ گوڏن کي متاثر ڪندي آهي ۽ گوڏن ۾ سور جي بيماري ٿي ويندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.