گونگو نينگر گم، دڙي ۾ وارثن جو احتجاج

دڙي (ن ع آ) دڙي ۾ درگاھه ميران شاھه شيرازي ڀرسان رهندڙ بجلي جو ڪم ڪندڙ مستري حيدر سولنگي جو 12 ورهين جو گونگو پٽ  علي عباس عيد جي ٽي ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي وارثن پاران نينگر جي ڳولا ڪرڻ باوجود سندس ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي جنهن ڪري نينگر جا وارث سخت پريشان ٿي ويا آهن ان ڏس ۾ پراسرار نموني گم ٿيل گونگي نينگر علي عباس جي پيءُ مستري حيدر سولنگي ٻڌايو ته سندس پٽ ڄائي ڄم کان گونگو آهي جيڪو ڳالهائي نٿو سگهي عيد جي ٽي ڏينهن گھران نڪتو آهي جيڪو اڃا تائين واپس ناهي موٽيو اسان سندس گهڻي ڳولا ۽ پڇا ڳاڇا ڪئي آهي پر سندس ڪو به پتو پئجي نه سگهيو آهي هن انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.