جيڪب آباد ۾ مقابلو، انعام يافته ڌاڙيل ڀاءُ سميت مارجي ويو

جيڪب آباد (رپورٽ سڪندر علي سرڪي ) جيڪب آباد ضلعي ٿاڻي بي سيڪشن جي حد پوليس جو ڍورو جي ويجهو بدنام زمانو ڌاڙيل ڇوٽو گينگ سان مقابلو ٿي پيو 4 ڪلاڪن تائين فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ گينگ وار جو سربراھ ڇوٽو ۽ سندس ڀاءُ حليم بنگلاڻي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا. جڏهن ته 2 پوليس اهلڪار هوت جعفري ۽ علي حسن اوڍو زخمي ٿي پيا، مقابلي ۾ مارجي ويل ڌاڙيلن جي لاشن ۽ زخمي ٿيل پوليس اهلڪارن کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو پوليس موجب ڇوٽو بنگلاڻي 25 کان وڌيڪ ڪيسن جنهن ۾ قتل، اغوا، ڀنگ، ڦر ۽ پوليس مقابلن جي ڪيسن ۾ گهربل هو.ڇوٽو بنگلاڻي جي مٿان 5 لک سرڪار طرفان انعام رکيل هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.