لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ نوجوان زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي تعلقي ٿاڻي جي حد گهاڙي شاخ وٽ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڳوٺ ڳڙهي محمد نواز عمراڻي جي رهواسي 30 سالن جي نوجوان مدد علي ولد علي نواز عمراڻي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي علائقي واسين زخمي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي، ان موقعي تي زخمي نوجوان جي پڦاٽ معشوق علي عمراڻي الزام لڳائيندي ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ محمد مريد عمراڻي ۽ غلام علي عمراڻي جي ڌرين وچ ۾ ڪارنهن معاملي تان تڪرار هلندڙ آهي، جنهن سان اسان جو ڪو به واسطو نه آهي، پر ان جي باوجود اڄ ٻيڙو چانڊيو مان سامان خريد ڪري واپس ايندڙ ماروٽ مدد علي عمراڻي مٿان محمد مريد عمراڻي، محمد نواز، ولي محمد، امتياز، عاشق عمراڻي ۽ ٻين فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا جيڪا وڏي ناانصافي آهي، هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کان کي اپيل ڪئي ته حملي ۾ ملوث بااثرن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.