بلاول ڀٽو زرداري ڪابينا اجلاس ۾ پاڻي کوٽ جو مسئلو اٿاري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاڻي کوٽ جو مسئلو اٿاري ڇڏيو.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڻي کوٽ سبب عوام، خاص طور تي آبادگار ڏکيائين جو شڪار آهن، پاڻي جي کوٽ جو سبب ارسا جو صوبن جي جائز حصي ۾ خلل وجهڻ آهي.

هن چيو ته گذريل حڪومت جي بدانتظامي سبب خاص طور هيٺين علائقن ۾ فصلن کي نقصان پهتو.

سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي گئس پاور جنريشن پلانٽ لڳائڻ جي تجويز کي ماضي جي حڪومتن رد ڪيو.

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ هڪ فوڊ سيڪيورٽي ٽاسڪ فورس ٺاهيو ته جيئن امڪاني غذائي بحران کي منهن ڏئي سگهجي.

واضح رهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، جڏهن ته ارسا اختيارين جو چوڻ آهي ته سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو پيو وڃي، سنڌ ۽ پنجاب کي پاڻي جي برابر ورڇ ڪئي پئي وڃي، پاڻي کوٽ ٻنهي صوبن ۾ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.