ڏهرڪي ۾ بااثر طرفان عورت سان ڏاڍائي ڪوشش، احتجاجي مظاهرو

ريتي (ن ع آ)ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ خير محمد گرگيج واسي پوليس اهلڪار غلام مصطفي گرگيج پنهنجي گهر ڀاتين ڀاءَ عبدالڪريم، پٽ دلبر گرگيج، محب گرگيج ۽ ٻين سان گڏجي احتجاج ڪندي الزام ڏيندي چيو  آهي ته برادري جي نوجوان نزير احمد گرگيج منهنجي ڀائٽي محب گرگيج جي گهر واري مسمات شمشاد گرگيج کي دوستي لاءِ تنگ ڪندو هو جنهن جي اهڙي ڪريل حرڪت تي اسان برادري جي چڱي مڙس ۽ نوجوان جي چاچي ميهر خان گرگيج کي شڪائت ڪئي جنهن اسان جي ڪيل شڪائت تي اسان سان انصاف ڪرڻ بدران الٽو مڇرجي اسان پاران ڪيل شڪائت کي ڪوڙو قرار ڏئي پنهنجي ڀائٽي محب گرگيج جي حمايت ڪئي جنهن بعد سندس ڀائٽي پنهنجو انتقام ڀاڙڻ لاءِ منهنجي ڀائٽي محب گرگيج جي گهر ۾ غير موجودگي دوران سندس گهر ۾ داخل ٿي سندس گهر واري مسمات شمشاد سان زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي دانهن تي پاڙي وارن جي گڏ ٿيڻ تي هو اسان کي ڳرا نتيجا ڀوگڻ جو ڌمڪيون ڏئي فرار ٿي ويو جنهن بعد وڏيري جي ڀائٽي نظير گرگيج جي اهڙي عمل خلاف اسان داد لغاري ٿاڻي تي رپورٽ پڻ درج ڪرائي پر جوبدار بااثر هئڻ خلاف پوليس انهن خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن بعد اسان انصاف لاءِ ڪورٽ جو در کڙڪايو ته گذريل رات دير سان ميهر گرگيج، آصف گرگيج، فياض گرگيج پنهنجي ساٿين سان گڏجي سندس گهر تي حملو ڪري سريا ۽ لٺيون هڻي سندس نهن فرزانه گرگيج کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن جيڪا بيهوي واري حالت ۾ انڃان سوڌو رحميارخان جي اسپتال داخل آهي پر ان باوجود داد لغاري پوليس وڏير ميهر گرگيج ۽ سندس ساٿين خلاف حملي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي.  هن چيو ته سندس گهر تي حملو ڪري ننهن کي زخمي ڪندڙ بااثروڏيري ميهر گرگيج ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪري کيس حملي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو وڃي هن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته برادري جي بااثر وڏيري جي زيادتين جو نوٽس وٺي کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.