سيتاروڊ ،  سيتا وليج ۽ ستيءَ سيتا !

سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ آهن جيڪي عورتن جي نالن سان  سڃاڻپ رکندڙآهن، اهڙن شهرن ۾ سنڌ جو تاريخي شهر سيتا روڊ پڻ آهي، جيڪو عورت جي نالي سان آهي ۽ ضلعي دادو ۾ اچي ٿو. سيتاروڊ جي وجود کان اڳ ۾ اهو سيتا وليج سڏبو هو، سيتاروڊ ۽ سيتا وليج تي اهو نالو ڪيئن پيو؟ اهو تاريخ جو هڪ اهم سوال آهي.

سيتاروڊ تاريخ جي آئيني ۾:سيتاروڊ جو وجود 1885ع ۾ پيو، جڏهن انگريزن هتي ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي ۽ ان جو نالو سيتاروڊ رکيو ويو، سيتاروڊ اسٽِيشن ٺهڻ کانپوءِ مقامي ماڻهو ان کي “انگريزن جي گودي” به چوندا هئا. جڏهن ته سيتا وليج يعني سيتا ڳوٺ تمام قديمي ڳوٺ آهي، سيتا ڳوٺ ٻن حصن ۾ ورهايل هو جنهن کي سيتا ننڍي ۽ سيتا وڏي به چيو ويندو هو.

سيتاروڊ بابت تاريخي احوال بلوچ صحبت علي جي مرتب ڪيل ڪتاب  ”سيتا جا سدا بهار ماڻهو“، محمد عرس اظهر سولنگي جي ڪتاب ”دادو ضلعو هڪ اڀياس“، وسيم آڪاش سيتائي جي مرتب ڪيل ڪتاب ”ڏهر منجهه ڏيئا“ ۽ بشير سيتائي جي ”سيتا جو تاريخي پسمنظر“ ۽ ”سيتا جو ادبي پسمنظر ۾“ ۾ ملي ٿو.

سيتاروڊ جي مشهور شاعر ۽ ليکڪ وسيم آڪاش سيتائي پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب ”ڏهر منجهه ڏيئا ۾ بلوچ صحبت علي ۽ بشير سيتائي جي ڪتابن جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته “سيتا ڳوٺ هڪ تاريخي ۽ قديمي ڳوٺ آهي جيڪو پڪو سيتا، تپو پاٽ ۾ آهي، سيتا سنڌوءَ درياءَ جي ساڄي ڪپ تي دادو تعلقي جي يونين ڪائونسل پاٽ جي  حد ۾ آهي، هي ڳوٺ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، ان ڪري ان کي سيتا وڏي ۽ سيتا ننڍي جي نالي سان سڏن ٿا.

ماضي بعيد ۾ هي هڪ ئي ڳوٺ هيو، انگريزن جي دور کان سرڪاري رڪارڊ ۾ هڪ ئي ڳوٺ ” سيتا وليج“ جي نالي سان هلندو پيو اچي. انگريز دور ۾ اتان جو سامان سنڌ ۽ هند جي ٻين شهرن ڏانهن ويندو هو، انگريزن سامان جي نقل و حرڪت ۽ روانگي لاءِ ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي جنهن کي سيتاروڊ جو نالو ڏنو، سيتاروڊ اسٽيشن جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ آسپاس جي ننڍن وڏن ڳوٺن جا ماڻهو لڏي اچي اتي آباد ٿيا ۽ اهڙي ريت سيتاروڊ هڪ شهر جي صورت اختيار ڪري ويو.سيتاروڊ جاگرافي حوالي سان خيرپورناٿن شاهه ۾ اچي ٿو، جيڪو سيتاوليج جي اولهه ۾ ستن ميلن جي فاصلي تي آهي“.

سيتاڳوٺ تي سيتا نالو ڪئين پيو، تاريخ ۾ ان حوالي سان سنڌ جي تاريخ بابت لکيل اوائلي ڪتابن ۾ ذڪر نٿو ملي، پر لوڪ روايتن جي آڌار تي سيتا ڳوٺ هڪ رومانوي داستان ”ستي ديوڪي ۽ ساکرو“ سان منسوب ڪيل آهي. بلوچ صحبت علي، وسيم آڪاش سيتائي ۽ بشير سيتائي جي ڪتابن ۾ سيتا ڳوٺ جي نالي جي حوالي سان ”ستي ديوڪي ۽ ساکرو“ جي رومانوي داستان جو ذڪرڪيل آهي. اهو قصو هندو مذهب جي قصن وانگر آڳاٽو ٿو لڳي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سيتا ڳوٺ آڳاٽو ۽ قديم ڳوٺ آهي، هندن جو مذهبي ڪتاب ”رڳ ويد“ به سڌوڪناري لکيو ويو ۽ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن تاريخ ۾ شاندار رهيو آهي ته، پوءِ ان جون وسنديون به لازمي آهي اوتريون ئي آڳاٽيون ٿي سگهن ٿيون. هونئن به سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن تي ايترو تحقيقي ڪم ناهي ٿيو، تنهن ڪري سنڌ ۾ ڪافي ڳوٺن جي تاريخ منجهائيندڙ به آهي.

چون ٿا ته آڳاٽي دور ۾ هتي ”ڌرمپال“ نالي راجا حڪومت ڪندو هو، ان جي هڪ ڌيءَ جنهن جو نالو ”ديوڪي“ هيو، جنهن هڪ برهمڻ نوجوان ساکرو سان لڪ چپ ۾ محبت ڪئي جيڪا اڳتي هلي پڌري ٿي پئي، ”ديوڪي ۽ ساکرو“ جي محبت جو ڦاٽ ڦاٽڻ راجا ڌرمپال لاءِ بدنامي جو سبب بڻيو ۽ پنهنجن گهڻگهرن ۽ وزيرن کان بدنامي کان بچڻ جو حل پڇيو. راجا کي سڀني وزيرن ٻنهي ڄڻن کي مارائڻ جو مشورو ڏنو پر مهامنتري راجا کي چيو ته ”ڪنهن کي مارڻ پاپ آهي، هنن پاڻ ۾ محبت ڪئي آهي، پريم ڪو پاپ ناهي، اوهان ٻنهي جي شادي ڪرائي ڇڏيو“ راجا ڌرمپال سوچي سمجهي راءِ ڏني ته، آئون پنهنجي ڪنيا جي شادي برهمڻ نوجوان سان ڪرائيندس، پر ان سلسلي ۾ پنهنجي ڪَنيا کان سخت آزمائش وٺندس. يعني هوءَ اگني پار ڪري پنهنجو ست ثابت ڪري ڏيکاري ڇو ته هن مون کي پنهنجي رعيت ۽ دنگئي راجائن وٽ بدنام ڪري ڇڏيو آهي“ راجا ڌرمپال جي حڪم تي باهه جو وڏو مچ تيار ڪرايو ويو، ديوڪي کي آندو ويو، ڌرمي رسمون ادا ٿيڻ بعد راجا جي ڌيءَ کي باهه مان گذرڻ جو چيو ويو، جنهن مان هوءَ پار ٿي وئي ۽ پنهنجو ست سچو ثابت ڪري ڏيکاريو. راجا ڌرمپال پنهنجي وڃايل پت ۽ ساک بحال ٿيڻ تي ”ديوڪي ۽ ساکرو“ جي شادي ڪرائي ڇڏي. ان کانپوءِ ديوڪي ستيءَ ۽ سيتا سڏجڻ لڳي، سيتا جي معنيٰ ”ست واري ۽ سچي“ آهي. صدين کانپوءِ ان جي ياد ۾ ڳوٺ تي ان قصي جي پسمنظر ۾ سيتا نالو پيو. ڪي ماڻهو چون ٿا ته قديم زماني ۾ ”سيتا ۽ ناري. پاڻ ۾ ساهيڙيون هيون. جن پنهنجي نالي سان ٻه ڳوٺ ٻڌرايا، اهي ٻئي ڳوٺ سيتا ۽ ناري اڄ به سنڌوءَ درياءَ جي ساڄي ڪپ تي موجود آهن، ڪجهه ماڻهن جي راءِ موجب هندن جي اوتار شري رامچند ۽ سندس پتني سيتا“ واري ڌرمي ڪٿا مان ستي سيتا جي ڪردار کان متاثر ٿي ڪيئي صديون اڳ هتان جي اوائلي ماڻهن پنهنجو هڪ ڳوٺ ٻڌو، جنهن تي سيتا جو نالو رکيو،

شاندار ۽ لازوال تاريخ رکندڙ سيتا ڳوٺ راجائي دورن کان وٺي صدين کان لاهين چاڙهين مان گذرندو رهيو آهي، چون ٿا ته سنڌو درياءَ ان ڳوٺ کي چارڀيرا، ٻوڙيو، ساکرو ۽ سيتا وارو اوائلي ڳوٺ هن وقت درياءَ جي ٻيٽ ۾ ئي هوندو. موجوده سيتاوليج چوٿون ڀيرو اڏيل ڳوٺ آهي، هن ڳوٺ کي ارغونن ۽ مغلن ڀيليو، نادر ۽ مددخان لٽيو، شاهه حسن ۽ همايون جي پاٽ اچڻ واري دور ۾ هي ڳوٺ فوجي ڇانوڻين طور استعمال ٿيو، هن ڳوٺ جي سيني ۾ تاريخ دفن ٿيل آهي.

ورهاڱي کان اڳ هن ڳوٺ جا قديم قبيلا برهمڻ، آريا، لهاڻا، ڀاٽيا (ڀٽي) جاٽبا، ٺڪر، راجپوت، ماڇي، ميربحر، ميمڻ، سک، راوڙا، آرهيڙي، ڀٽ ڀان، چارڻ، شڪاري جوڳي، کتري، سومرا، ٻڙا، سولنگي ۽ چنا هئا، ورهاڱي کانپوءِ هندن جي لڏپلاڻ کانپوءِ هن ڳوٺ ۾ مسلمان وڃي رهيا، هندو معاشري واري زماني ۾ هتان جا پنڊت، مهاراج، ٻاوا، ٻانڀڻ، ديوان، جوشي، گويا، ڀڳت، مصور ۽ شاعر مشهور هئا. مهاراج ڪرشنا نند، پنڊت فتن داس، ٻائو لڇمڻ داس، مکي طوطل داس ٽهلياڻي، ايسرمل خانچنداڻي، آچاريه جوتومل، شاعر ليلا رام، مصور بولچند، استاد ڪوڏڻ مل ۽ گويوتاراچند مشهور شخصيتون هيون. اسلامي معاشري کي هتي استوار ڪرڻ ۾ سيد دارا شاهه، حاجي اشرف شاهه، سيد فتح محمد شاهه ۽سيد مراد علي شاهه پيش پيش رهيا. سيتا تمام نالي وارا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، هي ڳوٺ علم ۽ ادب جو هر دور ۾ مرڪز رهيو آهي هندن جي دور کان وٺي اڄ تائين سيتاروڊ ۾ ادبي محفلون، توڙي سياسي ۽ سماجي سرگرميون جاري آهن. اڄ به سيتا ۾ علم جي جوت جلندڙ آهي، پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ جي هن تاريخي شهر ۽ اوائلي ڳوٺ جو نالو تبديل ڪيو ويو آهي. جيڪو عمل سنڌ جي سڄاڻ ڌرين لاءِ ضرور ڳڻتي جوڳو آهي. ڇو ته سنڌ جي تاريخي ۽ قديم ڳوٺن جا نالا مٽائڻ سان سنڌ جو تشخص، عظيم تهذيب ۽ ثقافت ميسارجڻ جو خطرو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.