نواب شاهه ۾ راشد چانڊيو جي بازيابي لاءِ سندس وارثن جو احتجاجي مظاهرو

نواب شاهه ۾ راشد چانڊيو جي بازيابي لاءِ سندس وارثن پاران پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، سيد ناصر شاهه، ڪاشف لاکو، سچوا جي طالب حسين چانڊيو، شوڪت چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته اسان رات جي وقت قومي ڪارڪن راشد چانڊيو جي گھر تي چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو ۽ سخت تشدد کانپوءِ ان کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن چيو ته راشد چانڊيو ھڪ پرامن ۽ ڪاروباري ماڻھو آھي، ان کي جبري طور تي کنڀي گم ڪرڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو انتھائي شرمناڪ عمل آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته قومي ڪارڪن راشد چانڊيو کي آزاد ڪري سندس وارثن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.