ڪشمور جي ڪچي مان اغوا ٿيل استاد آزاد نه ٿيو، وارثن جو احتجاج

ڪشمور (ڊ ر)ڪشمور جي ڪچي مان 20 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويل ڊيرا مراد جمالي واسي استاد  عبدا لغني مينگل جي بازيابي لاءِ وارثن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.مغوي جي وارثن عبدالوھاب، تاج محمد، امير حمزه، ۽ ٻين دانھيندي چيو ته سندن نوجوان ڊيرا مراد جمالي کان 29 ڊسمبر تي دعوت ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ چئي گھران نڪتو، سندس  فون جي آخري لوڪيشن گھلپور ڪچي واري علائقي ۾ ملي آهي. ھنن چيو ته نوجوان عبدالغني مينگل ڊيرا مراد جمالي جي خانگي اسڪول ۾ استاد ھو، جنھن کي ڪشمور جي ڪچي ۾ عورتاڻي آواز تي ھرکائي اغوا ڪيو ويو. ھنن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته نوجوان عبدالغني مينگل کي بازياب ڪرائي بي چيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.