ٽنڊو الهيار: ڪچو شراب واپرائڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

ٽنڊي الهيار ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.

کيسانا موري ويجهو هلندڙ ڪچو شراب واپرائڻ سبب نظام بلوچ فوت ٿي ويو.

واضح رهي ته ٽنڊي الهيار ۾ زهريلو شراب پيئڻ سبب فوت ٿيلن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو آهي.

اهڙي واقعي خلاف فوتي نظام بلوچ جي وارثن پاران ميرپور خاص روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پوليس ڪچي شراب جي وڪري خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪري، اعليٰ اختيارين کان مطالبو آهي ته ڪچو شراب وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي.

ٻي پاسي ايس ايڇ او مظاهرين وٽ پهچي ڪچو شراب وڪرو ڪندڙ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.