ٺٽي ۾ عوامي تحريڪ ضلعي جو ڪائونسل اجلاس

ٺٽو(ڊر) عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي ڪائونسل اجلاس عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر گهنور خان زنور جي صدارت ۾ لاشاري هائوس مڪلي ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ عوامي تحريڪ ۽ بردار محاذن جي صورتحال تي ڳالھ ٻولھ ڪري رٿا بندي ڪرڻ سميت سنڌ جي سورمي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ عوامي تحريڪ جي سربراه رسول بخش پليجي جي گهر واري ادي زاهده شيخ جي چوٿين ورسي ۽ سنڌياڻي تحريڪ جو مرڪزي ڪنوينشن 16 جنوري تي حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽورم “سنڌ ميوزم” ۾ ٿيندڙ پروگرام ۾ ضلعي ٺٽي مان ڀرپور شرڪت جي رٿابندي ڪري 20 جنوري تي قائد انقلاب رسول بخش پليجو جي 92 سالگره جنگشاهي ۾ ملهائڻ جي پڻ رٿابندي ڪئي ويئي. اجلاس م شاھ محمد چانگ سميت بين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.