لاڙڪاڻي ۾ ڪتن 13 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، رولو ڪتن وڌيڪ 13 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو آهي جن ۾ 10 سالن جو محمد اسماعيل، 8 سالن جو اسد الله، 25 سالن جو عبدالقيوم، پيرسن نواب علي ۽ ٻيا شامل آهن جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو. اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر جي انتظاميه موجب رولو ڪتي جي ڏاڙهيل زخمين جو واسطو لاڙڪاڻي شهر سميت ضلعي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن سان آهن جن کي بروقت ويڪسين لڳائي علاج فراهم ڪرڻ بعد گهر روانو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.