نزلي ۽ زڪام مان جان ڇڏائڻ جا طريقا

 

هڪ سروي موجب انسان کي سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا نزلو، زڪام ضرور ٿيندو آهي، ان کان ڪيئن بچجي، ان حوالي سان توهان کي هيٺ ڏنل مشورن تي عمل ڪرڻو پوندو.

آرام ڪيو

ڪم کان موڪل ڪيو ۽ آرام ڪيو، اوهان جو جسم وائرس جو مقابلو ڪندو آهي ۽ آرام ڪرڻ سان ذهني دٻاءُ گهٽ ٿيندو آهي ۽ جسم وڌيڪ بهتر انداز ۾ مرض جو مقابلو ڪندو آهي پر جيڪڏهن اوهان ڪم ڪندا ته اوهان جي جسم کي وائرس جو مقابلو ڪرڻ سان گڏو گڏ اوهان جو به ساٿ ڏيڻو پوندو.

گهڻو لڪوئڊ پيو

بخار، ڇاتي ۾ تڪليف ۽ ڪمزوري جسم ۾ پاڻي جي گهٽتائي جي خطري کي وڌائن ٿا، ان ڪري جسم کي پاڻي جي گهٽتائي کان بچائڻ جي لاءِ پاڻي، سوپ ۽ جوس پيئڻ گهرجي، لڪوئڊ ۾ الڪوحل، سوڊا ڊرنڪ ۽ ڪافي جو استعمال نه ڪيو، اهڙو ڪجهه پيو جو معدي تي زور وجهڻ بنا توانائي فراهم ڪري.

روز غرارا ڪيو

نزلي، زڪام جي پهرين علامت ڳلو خراب ٿيڻ آهي، لوڻ مليل هلڪي گرم پاڻي سان غرارا ڪيو، ان سان ڳلو صاف ٿيندو ۽ سور ختم ٿي ويندو، ان سان گڏ ڳلي جي خشڪي ۽ بلغم به ختم ٿي ويندو، رڳو اڌ چمچو لوڻ جو هلڪي گرم پاڻي ۾ ملائي پيو، ان کان وڌيڪ لوڻ جو استعمال صحت جي لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.

ٻاڦ وٺو

صحيح طريقي سان ٻاڦ وٺجي ته نزلي، زڪام جو زور گهٽجي ويندو ۽ بند نڪ کلي ويندو، ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا ٻاڦ ضرور وٺو.

نزلي جي ڪا به موسم نه ٿيندي آهي ۽ اها بيماري سال جي ڪنهن به وقت ۾ ٿي سگهي ٿي پر هي وائرس خشڪ موسم ۾ تيزي سان وڌي ٿو، خشڪ هوا ڳلي جي خرابي، کنگهه ۽ سيني جي تڪليف سبب ٿيندڙ سوڄ کي وڌائيندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.