مري سانحو: پنجاب جي وڏي وزير جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار مري سانحي جي جاچ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي.

ذريعن موجب مري ۾ پيش آيل سانحي بعد وڏي وزير عثمان بوزدار هنگامي اجلاس طلب ڪيو، جنهن ۾ آءِ جي پنجاب، چيف سيڪريٽري ۽ ريسڪيو ادارن جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير مري واقعي جي جاچ جي لاءِ 3 رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو آهي، جيڪا 72 ڪلاڪن ۾ سانحي جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪندي.

ذريعن موجب ڪميٽي ۾ پوليس ۽ انتظاميا جا آفيسر شامل هوندا، جن جي نالن جو اعلان جلد ڪيو ويندو.

ذريعن ٻڌايو ته ڪميٽي ان بابت جاچ ڪندي ته مري ۾ جيڪا شديد برفباري هئي، ان حوالي سان انتظام ڪيا ويا يا نه؟ جيڪڏهن ڪيا ويا ته واقعو ڇو پيش آيو؟ حياتيون ڇو ضايع ٿيون؟ جيڪڏهن رليف آپريشن وقت تي شروع ڪيو ويو ته ان ۾ ڪهڙي حد تائين انتظامي غفلت هئي؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.