ڪراچي ۾ ڦر دوران هڪ شهري زخمي، پوليس مقابلي ۾ هڪ ڦورو گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) سپر هاءِ وي ٿاڻي جي حد علائقي احسن آباد ۾ ڦورن ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري هڪ شهري کي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي جي سڃاڻپ اشتياق احمد طور ٿي ، جنهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو، شاھ فيصل ڪالوني ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻن ڦورن دڪاندار کي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران گشت دوران پوليس پهچي وئي ته پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو ٿي پيو، فائرنگ ۾ هڪ ڦورو زخمي ٿي پيو جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن جي سڃاڻپ اظهر ولد مقبول احمد طور ٿي آهي

  • برطانيا جو لارڊ نذير ٻارن تي جنسي حملن جو جوابدار قرار

لنڊن( م ڊ) برطانوي هائوس آف لارڊز جو اڳوڻوميمبر لارڊ نذير جنسي حملي جو جوابدار قرار ڏنو ويو آهي، جنهن موجب مٿس الزام لڳايو ويو آهي ته هن 70 جي ڏهاڪي ۾ 17 ورهين جي عمر دوران هن ڇوڪريءَ سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي. ان سلسلي ۾  وڪيل چيو ته لارڊ نذير ان وقت 16 ، 17 ورهين جو هو. لارڊ نذير الزامن جي ترديد ڪندي چيو ته هن حملو ناهي ڪيو. شيفيلڊ ڪرائون ڪورٽ جي جج چيو ته حتمي فيصلو عدالت ڪندي ته لارڊ نذير جنسي حملو ڪيو يا نه. 03

  • ٽنڊي آدم ڀرسان مال گاڏي جون 5 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون

ٽنڊوآدم ( ن ع آ )ٽنڊو آدم ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڪراچي کان لاهور ويندڙ  مال گاڏي جا 5 گاڏا پٽڙي تان لهي ويا جنهن سبب  اپ ٽريڪ بند ٿي ويو آھي جنهن سبب ريلوي ٽريڪ بند ٿي ويو آھي جنهن سبب ريل  گاڏين کي مختلف هنڌن تي بيهاريو ويو آھي، جڏهن جٽيا  ڦاٽڪ  به  بند ٿي ويو آھي جنهن عام ٽريفڪ به ٻنهي پاسي بيهجي وئي آھي انهن جون قطارون لڳي ويون آھن . بجلي نه هئڻ سبب ڪجھ به نظر نه پيو اچي ۽ ريسڪيو ۾ ڏکيائون پيش اچي رهيون آھن ريلوي انتظاميا پٽڙي تان لٿل مال گاڏي جا گاڏا کڻڻ لاءِ ڪرين طلب ڪري ورتي آھي هڪ گاڏو جدا ڪيو ويو آھي جڏهن ته وڌيڪ ڪوششون جاري آھن ، في الحال گاڏي جا پٽڙا لهڻ جو سبب معلوم ٿي ناهي سگهيو

  • سرڪار هٿ سان ڀاڻ جو بحران پيدا ڪيو آهي:صنعان قريشي

حيدرآباد(پ ر ) سنڌ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو قيمتن خلاف ۽ننڍن آبادگارن جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ جسقم مرڪز جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جڏهن ته جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام جسقم ميڊيا سينٽر قاسم آباد تان مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ جو آبادگار سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي، سرڪار غريب ۽ ننڍن آبادگارن لاءِ خاص پيڪيج جو اعلان ڪرڻ بدران ڏکيايون پيش ڪري رهي آهي،سرڪار پاڻ هٿ سان ڀاڻ کي مارڪيٽ مان گم ڪري ڀاڻ جون قميتيون وڌايون آهن، سڄي سنڌ ۾ ڀاڻ کي بليڪ تي وڪرو ڪيو وڃي پيو،

  • مظفر ڳڙهه ضلعي ۾ برسات جاري، مختلف فيڊرز جي بجلي بند

مظفر ڳڙهه (م ڊ ) سڄي ضلعي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات گذريل رات کان جاري آهي ، برسات شروع ٿيندي ئي شهر جي مختلف فيڊرز جي بجلي بند ٿي وئي . هلڪي برسات سبب ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو ۽ ڪوهيڙي ۽ سموگ جي خاتمي ٿيڻ سان آسمان به  صاف ٿي ويوآهي  .هارين برسات تي خوشي جو اظهار ڪندي ان کي الله تعالى جي رحمت قرار ڏنو آهي ۽ چيو ته برسات فصلن لاءِ نهايت فائدي مند آهي ۽ ان سان ڪڻڪ جي پيداوار جو هدف پورو ٿيڻ جي وڌيڪ اميد آهي

  • هانگ ڪانگ: 8 ملڪن کان ايندڙ مسافر اڏامن تي پابندي

هانگ ڪانگ(م د) هانگ ڪانگ 8 ملڪن کان ايندڙ مسافر اڏامن تي 8 جنوري کان 14 ڏينهن لاءِ پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. چيني خابرو اداري مطابق اهو اعلان هانگ ڪانگ اسپيشل اينڊ منسٽريٽوريجن (ايڇ ڪي ايس اي آر)جي چيف ايگزيڪٽو ڪيري لام پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو،پابندي واري ملڪن ۾ آسٽريليا، برطانيه، ڪينيڊا، فرانس، ڀارت، پاڪستان، فلپائن ۽ آمريڪا شامل آهن. هن چيو ته اهو فيصلو ڪورونا وائرس جي پکيڙ جي خدشي سبب ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.