حراست هيٺ عارف گل پيش نه ڪيو ويو ته وزيراعظم کي گهرائينداسين:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد( م ڊ ) جوابدار عارف گل کي قيد ۾ رکڻ بابت ڪيس ۾ چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن جوابدار کي پيش نه ڪيو ويو ته وزير اعظم کي طلب ڪنداسين. سپريم ڪورٽ ۾ جوابدار عارف گل کي قيد رکڻ بابت درخواست تي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي  ۾ 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته عارف گل حراستي مرڪز ۾ آهي، کيس عدالت آڻڻ مشڪل آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڇا عارف گل کي پيش ڪرڻ سان سپريم ڪورٽ جي عمارت اڏامي ويندي؟. حڪومت جي ادارن ۾ ڪرپشن آهي ته عدالت ڇا ڪري، 2019 کان هيل تائين معاملي تي جاچ هلي رهي آهي.چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته عارف گل کي پيش نٿا ڪيو ته سپريم ڪورٽ کي تالو لڳائي ٿا ڇڏيون.سپريم ڪورٽ جوابدار عارف گل کي اڄ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.