پي ٽي آءِ ۽ بحرانن جي سائنس 

تحرير؛رياض ابڙو 

هڪ زبردست چوڻي اها به آهي ته جيڪڏهن ڪنهن حڪمران جي سياڻپ پرکڻي هجي ته ان جي چوڌاري نظر ڦيرايو يا ان جي هجوم ۾ ماڻهو ڏسو ته خبر پئجي ويندي ته اهو حڪمران ڪيترو سياڻو آهي، يا ساڳي ڳالھه کيل کلاڙي جي ميدان ۾ به ڪري ٿو، جو هي ڪا ملھ ناهي پر هڪ ٽيم ورڪ ضرور آهي جتي سڀني ماڻهن (وزيرن) کي گڏجي ڪم ڪرڻو هوندو آ يا جي چئون ته راند جي ميدان ۾ بيٽنگ ڀلي آهي ته بالنگ به ڀلي هجي ان سان گڏ وري فيلڊنگ جو خراب هجڻ سڄي راند ٻوڙي سگهي ٿو، پوءِ ساڳي ڳالھه حڪومتن سان به لاڳو ڪري سگهجي ٿي ۽ ان اعتبار سان جيڪڏهن اڄ جي حڪمرانن کي پسجي ۽ پرکجي ته ڄاڻ ملندي ته حڪمراني اصل ۾ ڪنهن جي آهي، يا انهن جي حڪمرانيءَ جي پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي، يا سياست ۾ اچي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي ته پوءِ اها خدمت ڪهڙي زمري ۾ ٿي اچي، يا انهن خدمتن کي ڪهڙا سڱ ٿيندا آهن، يا ماڻهن کي عذاب ۾ رکڻ به حڪومتي خدمت آهي، پر ساڳي ڳالھه اها به آهي ته جهاز جو ڪپتان ڪيترو ڄاڻوگر آهي جنهن کي جهاز هلائڻ به اچي ٿو يا رڳو حوال ٿو ڪري يا ٻئي ساڳي وري روايتي ڳالھه اها به بيهي ٿي ته هتي جڏهن به حڪمران اقتدار ۾ ٿا اچن ته انهن کان عوام وسري ٿو وڃي يا اهي به اهو ئي ڪم ٿا ڪن جو رڳو علي بابا ٿو مٽجي پر چور ته ساڳا ئي رهجي ٿا وڃن يا وري انهن چورن کي چونڊي ويهاري وري اهو ئي علي بابا حڪمراني ٿو ڪري پوءِ فرق ته ڪجھه به نه ٿيو، يا اهڙي حڪومت کي ڍونگ کان ڀلو ته عوام ايئن ئي هجي، جو انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين، عوام ته رڳو اليڪشن جا خرچ ڀري ڀري سڙي ٿو وڃي، جو هر اليڪشن 8 اربن کان مٿي جو خرچ ٿي گهري، پوءِ اهڙي خرچ ڪرڻ مان فائدو جو عوام کي ته وري ساڳا چور ٿا ملن.

يا اهو به مڃون ٿا ته سياست جي پنهنجي فلاسافي آهي، جنهن کي سمجھڻ ڏکيو پر انهن جي ٽولي ۾ ويهي ڏسڻ ۽ مڃڻ سولو ڪم آهي، ساڳو فلسفو مذهبي ٽولن جي رنگن وانگي کڻي لڳ ڀڳ ساڳيو به آهي، پر اها وري ابتي ڳالھه ٿي ٿي وڃي ڇو ته حڪمرانن کي ته حڪومت ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي نه ڪي ڪو مخالفت ۾ رهي، يا جڏهن اهي اقتدار جي ڪرسيءَ کي چنبڙيل هجن ته ماڻهن جا اهنج ۽ سُور درد ۽ تڪليفون دور ڪن، پر هتي ابتو ڪم آهي معنيٰ جڏهن اهي حڪومت ۾ هجن ٿا ته سڀ ڪم عوام جي امنگن جي ابتڙ ٿا ڪن ۽ وري جڏهن ڪنٽينرن تي چڙهي ٿا بيهن ته عوام جي ٻولي ٿا ڳالهائن يا جڏهن روڊن تي ٿا نڪرن ته حڪومت کي ڌمڪيون ڏئي عوام جا درد جھڪا ٿا ڪن، ڳالھه سمجهھ کان ٻاهر آهي ته حڪومت اقتدار ڌڻي يا ارباب اختيار پپيٽ آهن ۽ وري مخالف ڌر وارا عوام جي خاطر ڪم ڪندا يا جڏهن اهي وري ڦري وري ڪرسيءَ تي ويهندا ته وري عوام وسري ويندن ۽ مخالف ڌر وارن کي وري عوام ياد ايندو، پوءِ اهو چئون ته پي ٽي آءِ جي خاتمي جي شروعات ٿي چڪي آهي.

پي ٽي آءِ وارن جي اها دعويٰ به غلط ثابت ٿيندي ته هي وڏي اسڪيل تي ڪم ٿا ڪن، مثال جي او آءِ سي جي ايجنڊائن کي ڏسون ته ان ۾ ڪهڙي ايجنڊا هئي جيڪا عوام جي حق ۾ هئي يا سواءِ افغانستان جي اسان جي عوام جي ڪهڙي فائدي جي هئي، اسان پنهنجي پسگردائيءَ ۾ نظر ڊوڙايون ته ڇا اسان جو عوام هاڻي ٽين دنيا مان ڦري وري پهرين دنيا جي ماڻهن ۾ شمار ٿو ٿئي يا اسان وٽ ڪشمير جا مسئلا حل طلب ناهن، يا اسان جي صوبي کان وٺي بلوچستان جا اهنج هاڻي ناهن رهيا جو پي ٽي آءِ جي ايجنڊا ۾ اهي لوڪل ڳالهيون ناهن رهيون، پوءِ اهو ته واضع هيو ته جيڪي جيڪو ”هوم ورڪ“ ڪندا انهن کي اهڙا ئي نتيجا ملندا، ان ڪري جيڪڏهن پي ٽي آءِ وارن جي سڄي سياست ۽ سمورو ڌيان رڳو ڪي پي هيو ته پوءِ ڇا ٿيو جو هي اليڪشن هارائي ويا، يا ڪشمير ۾ هنن ڪهڙيون ماکيءَ جون نهرون وهايون هيون جو اها اليڪشن کٽڻ کانپوءِ هنن جا چپ نه پيا ڀڪوڙجن (ڪشمير ۾ اهو اليڪشن کٽندو آهي جيڪو اسلام آباد ۾ ڪرسيءَ تي ويٺل هجي) يا اهو پيا سمجهن ته جتي هي ڪم نه ڪندا اتي اليڪشن کٽي ويندا يا جتي سڄو ڏينهن وَرَ کڻي ۽ بجيٽ جا منهن کوليندا ته اتي وري هارائي ويندا، اصل ۾ ڳالھه ته ان ”وِيزن“ ۽ نظريي جا آهي جيڪو پي ٽي آءِ وارا کڻي ٿا هلن، پوءِ عوام جي هٿ اهي نتيجا ضرور آهن جيڪي هنن ڪي پي ۾ موٽائي ڏنا.

پر هي رياستي هٿڪنڊا بجلي، گيس ۽ پيٽرول جون قيمتون وڌائي هي اهو پيغام ٿا ڏين ته پٿر جي دور ۾ موٽي هلو، يا جڏهن دنيا جي ٻين ملڪن ۾ گيس جا سلنڊر استعمال ٿا ٿين ته پوءِ پاڪستان ۾ به گيس سلنڊر هلڻ گهرجن، جيئن مثال سڄي ڀارت ۾ گيس ناهي ان ڪري اتي گيس جا سلنڊر استعمال ٿيندا آهن، ان ڪري جو جيتري گيس سلنڊر مان استعمال ٿي ڪجي اوتري گيس وري ٻيڻي لائينن مان به استعمال ٿي ڪجي (جيئن گيزر، سگري يا گيس جنريٽر) يا ائين به آهي ته جنهن اسپيڊ سان گهريلو استعمال واري گيس پئي استعمال ٿي ان حساب سان گيس هلي هلي هان ۽ ذخيرا ختم نه ٿين هان يا ائين به آهي ته اڳين حڪومتن يا مشرف جي دور کان وٺي گاڏين ۾ گيس جو استعمال ٿيڻ شروع ٿيو هو جو جڏهن گيس 30 روپيا به نه هوندي هئي، پر گاڏين ۾ استعمال ٿيڻ سان هڪ وڏي خامي اها به سامهون آئي جو هر ڪمرشل گاڏي، بس، رڪشا، يا ڪارين به گيس سلنڊر هڻائڻ شروع ڪيا نتيجي ۾ جيترو پيٽرول جو واهپو پئي ٿيو اوترو وري گيس پئي استعمال ٿي، ڇو ته سستي هجڻ جي ڪري ماڻهن ۾ ڀرپور استعمال ڪرڻ جو رونشو اٿيو ۽ هلندي هلندي جيترا پيٽرول پمپ پئي کليا اوتريون وري سي اين جي اسٽيشنون به کلنديون رهيون، (وري هاڻي سي اين جي اسٽيشنن جي هڙتال به وقتن به وقتن ٿيندي ٿي رهي، جيڪا کڻي جائز به آهي جو انهن لکين ڪروڙين روپيا جيڪا سيڙپ ڪئي انهن جيڪي پئيسا هنيا يا جن غريب ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪين انهن جو ڪو داد فرياد ئي ناهي، پر ڳالھه ته ٻنهي پاسي خراب آ ته هڪ پاسي گيس جا ذخيرا ختم ڪري ڇڏيا اٿن وري ٻئي پاسي گهريلو صارفين به ماني پچائڻ جي لاءِ آزرت لڳا پيا آهن) يا اتي اها ڳالھه به واضع آهي ته هي هٿرادو بحران پيدا ڪري گيس امپورٽ ڪرڻ جي چڪر ۾ لڳا پيا آهن ته جيئن گيس به ٻاهرين ملڪن (ايران) مان امپورٽ ڪجي ۽ پوءِ ملڪي گيس جا ذخيرا به هلائجن ائين ڪرڻ سان گيس مهانگي ڪري سگهبي ۽ لوڪل گيس به امپورٽيڊ اگهن تي کپائي سگهبي، ٻيو ته گيس سلينڊر استعمال ڪرڻ سان گيس جي بچت به ٿيندي، ٽيون گيس جا ڊپارٽمينٽ بند ڪري سگهبا، ان ڪري ته گيس جي ڊپارٽمينٽ بند ٿيڻ سان جيئن هنن ٻيا ريگيوليٽر هلايا آهن جيئن اوگرا پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون طئي ٿو ڪري يا ٻيا ريگيوليٽر جيئن اسٽيٽ بئينڪ، نيپرا، هيڪ وغيره وغيره، ائين ئي هي گيس جا ريگيوليٽر هلائيندا ته جيئن ٻٽي نموني ٽيڪس جا ڄار وڇائي سگهجن، ائين ئي هنن بجلي جي مهانگي ڪرڻ کان پهرين بجلي جا ادارا به ائين ڪري ڇڏڻا اٿن جيئن بجلي جا پيداواري ادارا هڪڙا هجن ته ڊسٽريبيوشن وارا ادارا ٻيا هجن ۽ صارفين وري ٽيان ته جيئن ٽيڪس جا ڄار وڇائي سگهجن ۽ هي ادارا خانگائي ڪمائيندا رهن، ۽ عوام وڃي ڦاسندو، ڇو ته هنن وٽ ڪا پائيدار حڪمت عملي آهي ئي نه جنهن سان اهو ثابت ڪري سگهن ته هنن بجلي جي گهرن ۾ ڪا توسيع ڪئي هجي يا هي ڪي اهڙا ادارا به بڻائي سگهيا هجن جن سان ملڪ جي مفاد ۾ ڪا شيءِ ٿيڻي هجي، ڇو ته ادارن جي ٺاهڻ ۾ هي ايترا ڀڙُ ناهن جيترا هي ادارن جي کپائڻ ۾ آهن، ۽ هنن جيڪي رزوگار ڏيڻ جا واعدا ڪيا هئا ان جي ابتڙ هي بيروزگاري ڪندا ٿا وڃن، جن ۾ ادارن جو خانگائڻ اهڙو عمل آ جنهن ۾ هزارين ملازم بيروزگار ٿيندا پيا وڃن، پر هنن جي ته جونءَ به ننڊ پئي آهي (هي جيڪو به عمل ڪن ٿا ڪورٽ ان جي ابتڙ ڪندي ٿي وڃي) ڇو ته هنن جا سڀ ڪم آئين، قانون ۽ آرٽيڪلن جي سراسر ابتڙ ۽ عوام دشمن به آهن، جيئن هنن اي وي ايم واري ڳالھه ڪئي جنهن جي خاطري اها به آهي ته هنن جتي جتي به استعمال ڪرڻ جو سوچيو يا نيت به ڪئي آهي اتي اتي هنن کي نرڙ واري لڳي، جيئن ڀلا ڪي پي واري مڪاني اليڪشن ۽ ائين ئي پنجاب واري اليڪشن (جنهن ۾ ڪو ٻوٽو نه ٻاريندا) ان ڪري جنهن طريقي سان زرداري لاهور ۾ نعرو هنئيون ويٺو آهي، يا جنهن طريقي سان پي ڊي ايم سندرا ٻڌيون بيٺي آ، لڳي ٿو رمضان جي روزن کان پهرين هي ڪجھه ڪري ويهندا يا 4 جنوري تي فارين فنڊنگ جا ڪيس به اٿلائڻا اٿن، جن جي سڄي تهمت هنن جي ڳلي ۾ پوندي، جنهن مان جان ڇڏائڻ ممڪن نه هوندن، ان ڪري ته هنن ته اليڪشن ڪميشن، ڪورٽن، عسڪري ادارن ۽ سياسي پارٽين جو ته ليکو ئي ناهي جن کي هنن اکيون نه ڏيکاريون هجن، ان ڪري نوازشريف جو اليڪشن کان اڳ اچڻ ان ڪري به اڻٽر آهي، ڇو ته هي سياست سچائي سان ۽ پائيدار ناهن ڪري سگهيا ان ڪري مخالفن کي هنن ته موقعو هٿ وٺي ڏنو آهي ته اهي هن سرڪار خلاف ڪچا چٺا کڻي بيهن ۽ هن سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.