ن ليگ وارا پالش جو سامان کڻي بيٺل آهن، ڪير بوٽ اڳتي ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري (ن) ليگ مٿان سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ن ليگ وارا بوٽ پالش جو سامان کڻي بيٺل آهن ڪير بوٽ اڳتي ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته جيڪي ماڻهو ملڪ واپسي جي لاءِ ڊيل جو انتظار ڪن   انهن جو سياست ۾ ڪوبه قد ڪاٺ نه آهي، فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته اوهان پاڪستان جا ڪارا دور آهيو ۽ هوائن جو رخ هاڻي توهان ڏانهن ناهي، روشني ٿي وڃي ته اونداهي ختم ٿي ويندي آهي ۽ هن وقت پاڪستان ۾ اهوئي ٿيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.