جرمني ۾ سخت سيءُ، سوين حادثا، فوتگيون

 

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني ۾ سخت سيءَ سبب روڊن تي سوين ٽريفڪ حادثا رڪارڊ ڪيا ويا آهن.

جرمن پوليس جمعي ڏينهن ٻڌايو ته ٿڌ وڌڻ سبب روڊن تي سوين حادثا پيش آيا، انهن حادثن ۾ ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.

خميس ڏينهن جرمني ۾ سيءُ وڌڻ سبب حادثن جو انگ 190 رهيو.

واضح رهي ته جرمني ۾ ڪيترين ئي جاين تي هن وقت پارو ناڪاري آهي ۽ ٿڌ ۾ اهڙي قسم جا واقعا معمول آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.