ڪرپشن شڪايتن جي جاچ بابت رولز تيار نھ ڪرڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪاوڙ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراھي ۾ ڊويزن بئنچ نيب کي 20 سال گذرڻ باوجود  ڪرپشن شڪايتن بابت انڪوائرين ۽ انويسٽيگيشن بابت رولز تيار نھ ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي وفاقي سرڪار ۽ نيب جي چيئرمين کان رولز تيار ڪري لاڳو ڪرڻ بابت پيش رفت رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي. ڪالھھ عدالت ڪراچي جي وڪيل طارق منصور پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪندي نيب جي پراسيڪيوٽر کان پڇيو تھ ڇا نيب جا رولز تيار ٿي ويا آھن؟ جنھن تي نيب جي پراسيڪيوٽر چيو تھ نيب رولز بابت عدالتي حڪم جي روشني ۾ نيب جي ھيڊ ڪوارٽر کي ليٽر لکي ڇڏيو ھو جنھن تي عدالت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو تھ رڳو ليٽر لکي ڇڏڻ ڪافي ناھي. ايترو عرصو گذرڻ باوجود نيب جا رولز نھ ٺاھڻ افسوس ناڪ آھي. عدالت چيو تھ جيڪڏھن رولز لاڳو نھ ڪيا ويا آھن تھ رولز جو ڊرافٽ تھ تيار ڪيو ويو ھوندو. اھو ئي پيش ڪريو. بنا رولز جي نيب ڪيئن انڪوائريون ڪري رھيو آھي جنھن تي نيب جي پراسيڪيوٽر چيو تھ رولز تيار ڪرڻ لاءِ قانون ۽ انصاف جي وفاقي وزارت کي ليٽر لکيو ويو آھي. جسٽس نعمت اللھ ڦلپوٽو چيو تھ اسان رولز جو ڊرافٽ ڏسڻ چاھيون ٿا. ان موقعي تي درخواستگذار وڪيل طارق منصور چيو تھ نيب ۽ وفاقي سرڪار جا ٻيا ادارا ھڪ ٻي تي معاملو اڇلائڻ ۽ وقت ضايع ڪري رھيا آھن جنھن تي عدالت نيب کي رولز تيار ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي پيش رفت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.