لعلو رائنڪ: گيس جي بندش خلاف احتجاجي مظاهرو

لعلو رائنڪ ۾ گيس جي بندش خلاف سياسي، سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اڳواڻن رياض احمد ڪلهوڙو، امداد علي چانڊيو، محمد هاشم سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سياسي، سماجي تنظيمن، سول سوسائٽي، شهرين ۽ ڳوٺاڻن پاران گيس جي بندش خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سيارو ايندي انتظاميا گيس جي هٿرادو لوڊ شيڊنگ شروع ڪري ڇڏي آهي، گيس جي بندش سبب ٻارڙا اسڪول ناهن وڃي رهيا لوڊشيڊنگ سبب سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون.

هنن چيو ته گيس جي بندش سبب شهري توڙي ڪاروباري طبقو پريشان آهي، وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو آهي ته گيس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.