ڊکڻ پوليس جي ڪارروائي، 7 ڪلو چرس سميت جوابدار گرفتار

ڊکڻ (ن ع آ) ڊکڻ پوليس پاران ڳجهي اطلاع تي سئي گيس لاڙي وٽ مديجي لنڪ روڊ تي ڪارروائي ڪري لاڙڪاڻي واسي نديم ميرجت کي 7 ڪلو 800 گرام چرس سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوه ڪئي آهي،جڏهن ته ڊکڻ پوليس گرفتار ڪيل جوابدار مٿان  9 سي نارڪوٽيڪس تحت سرڪار پاران اي ايس آءِ خان محمد ابڙو جي   فرياد تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي،ان سلسلي ۾ ڊکڻ پوليس ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي سئي گيس لاڙي وٽ مديجي  لنڪ روڊ تي  ڪارروائي ڪري هڪ ڄڻي نديم ميرجت کي 7 ڪلو 800  گرام چرس سميت گرفتار ڪيو آهي، جيڪو لاڙڪاڻي تعلقي جي ڳوٺ طالباڻي جو رهواسي آهي،گرفتار جوابدار خلاف 9 سي نارڪوٽيڪس تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.