حيدرآباد ۾ هٿياربند جي شهري کان ڦرلٽ

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي هالاناڪي واري علائقي 4 اڻڄاتل هٿياربند هڪ شهري ملڪ محمد حسين پٽ محمد يامين کان 2 لک 20 هزار رپيا روڪ رقم ۽ هڪ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته پريٽ آباد جو رهواسي ملڪ محمد حسين هالاناڪي وٽ قائم هڪ بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي موٽرسائيڪل تي سوار ٿي واپس گهر وڃي رهيو هو ته لائينڊ چئنل وٽ افغاني پاڙي ۾ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار هٿياربند کيس ڦري آيا ۽ کانئس ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته ڦورن جي هڪ موٽرسائيڪل 125 خراب ٿي پئي جيڪا ڦورو ڇڏي فرار ٿي ويا جنهن کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. واقعي جو ڊي آءِ جي حيدرآباد شرجيل کرل نوٽيس وٺندي جوابدارن کان ڦر ٿيل رقم هٿ ڪرڻ ۽ کين گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن ايس ايس پي حيدرآباد کان ان معاملي جي رپورٽ پڻ طلب ڪئي آهي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.