واسا ملازمن جي پگهار ۽ پينشن رولڙي جو شڪار، مظاهرو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي شعبي واسا جي ملازمن مطالبا تسليم نه ٿيڻ ۽ سندن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف عطر خان چانگ، بلاول ملاح، اشفاق علي، جميل شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سندن پگهارون هميشه رولڙي جو شڪار رهيون آهن، ايڇ ڊي اي انتظاميه کين پينشن ۽ پگهارون جاري ڪري ملازمن کي پڪو ڪرڻ بدران سندن خلاف مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪرايا آهن، جن جي سخت مذمت ڪيون ٿا. هنن بلديات کاتي واري صوبائي وزير سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته واسا ملازمن جا مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ ڊي جي آفيس حيدرآباد سامهون ڌرڻو هنيو ويندو.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.