24 لک پگهار کڻندڙ راڻا شميم ڊيوٽي تي نه پيو وڃي: حليم عادل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته چونڊ سڌارن واري بل پاس ٿيڻ کانپوءِ هاڻي ٺپا مافيا جو دور ختم ٿي ويندو، سنڌ اسيمبلي ۾ غير قانوني عمارتن کي ريگيولائز ڪرڻ لاءِ پيش ڪيل ٺهراءُ هاڻي ڪابينا جي اجلاس ۾ ويندو جنهن ۾ 3.9 ملين ايڪڙ سرڪاري زمينن تي ٿيل قبضن کي بچائڻ لاءِ بل منظور ڪيو ويندو، سرڪاري زمينن تي قبضن تي ملندڙ پئسن تي وڏي مني لانڊرنگ ٿئي ٿي ،هن چيو ته راڻا شميم جو ماضي داغدار آهي زيبل يونيورسٽي ۾ گذريل ڏيڍ سال کان وائس چانسلر لڳل آهي 24 لک روپيا ماهوار پگهار کڻي ٿو پر هڪ ڏينهن به ڊيوٽي نه ويو آهي جنهن جي خلاف اسان ڪورٽ ۾ پڻ وڃي رهيا آهيون، يونيورسٽي جي ڪيل ٽينڊرن ۾ پڻ ڪرپشن ڪيل آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.