ايندڙ چونڊن ۾ اي وي ايم جو استعمال چاهيون ٿا: شبلي فراز

اسلام آباد(م ڊ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز  چيو آهي ته سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ جمهوري عمل کي درست ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته سياسي عدم استحڪام سبب معاشي ترقي ممڪن ئي ناهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ماضي ۾ مختلف طريقن سان ڌانڌلي ٿيندي رهي آهي، اپوزيشن اي وي ايم کي ڏسڻ کان سواءِ  ان جي مخالفت ڪئي آهي، اسان جيڪو فيصلو ڪيو آهي ان تي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ چاهيون ٿا، 2023ع جي چونڊن ۾ اي وي ايم جو استعمال چاهيون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.