نوشهرو فيروز: نابين پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاج

نوشهري فيروز ۾ نابين پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

نابين عبدالجبار راجپوت احتجاج ڪرڻ بعد پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ديھه ڍوري منھنجي اڍائي ايڪڙ زمين آھي جنهن تي اسمائيل، ديدار ۽ ٻين قبضو ڪري ورتو آهي.

هن چيو ته زمين تي ويس ته قبضو ڪندڙن موتمار ڌمڪيون ڏيڻ ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو آهي.

متاثر ڊي سي نوشھرو فيروز،ايس ايس پي نوشھرو فيروز  ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.