نوجوان جا قاتل گرفتار ڪيو، تنگواڻي ۾ڌرڻو

تنگواڻي(رپورٽ:مھتاب ملڪ ) تنگواڻي ڀرسان 5 مهينا اڳ قتل ٿيل نوجوان مجيب الرحمان بکراڻي جا قاتل گرفتار نہ ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيوويو، ٺل_ڪنڌڪوٽ انڊس هاء وي تي عبدالعزيز بکراڻي،امام الدين،لياقت علي بکراڻي جي اڳواڻي ۾ عورتن توڙي مردن ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو، انڊس هاء وي بلاڪ ڪرڻ سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مظاهرين احتجاج ڪندي چيو تہ ڪشمور پوليس ڳري رشوت عيوض اسان جي روپوش قاتل جوابدار ياسين بنگلاڻي کي گرفتار نہ پئي ڪري، ايس ايس پي ڪشمور امجد احمّد شيخ وٽ زمين جي ڪم بند ڪرڻ جي درخواست باوجود پوليس جي موبائيلن ۽ اٽالن سان گڏجي زمين آباد ڪيوويو ۽ اسان کي حراسان ڪيو پيو وڃي،هوڏانهن پوليس مظاهرين کي منٿون ڪرڻ ۽ جوابدار کي جلد گرفتار ڪرڻ سميت انهن جي زمين جو ڪم بند ڪرڻ جي يقين ڌهاني بعد روڊ 2 ڪلاڪن بعد کوليو ويو،مظاهرين پاران آء جي سنڌ ۽ ڊي آء جي لاڙڪاڻي کان گهر ڪئي تہ نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيووڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.