ڪراچي ۾ مختلف واقعن ۾ 3 ڄڻا زخمي

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي سائيٽ اي ٿاڻي جي حد ۾ واقع وليڪا اسپتال ڀرسان نامعلوم هٿيار بندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي 24 ورهين جي هڪ نوجوان وقاص پٽ وزير خان کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ،قائد آباد ٿاڻي جي حد ۾ واقع مجيد ڪالوني ۾ ٻن ڌرين جي جهيڙي ۾ گولي لڳڻ سبب 18 ورهين جو سجاد پٽ وحيد زخمي ٿي پيو جنهن کي جناح اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.ماڊل ڪالوني ٿاڻي جي حد ۾ واقع عسڪري اسڪول ۾ منهن ماري تان سيڪيورٽي گارڊ مرتضيٰ پٽ محمد هاشم اتي هڪ نوجوان جاويد پٽ حنيف کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.

  • مخالف ڌر وفد جي اسپيڪر سان ملاقات، ميارون

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر سان گڏيل اپوزيشن جي وفد ملاقات ڪئي آهي.گڏيل اپوزيشن جي
+ وفد ۾ راڻا ثناءُ الله، خورشيد شاهه ۽ شيري رحمان سميت ٻيا شامل هئا.اپوزيشن ميمبرن موقف اختيار ڪيو ته توهان اپوزيشن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ ٻي تڪراري قانون سازي تي ڳالهين جي دعوت ڏني، اپوزيشن توهان جي خط تي مشاورت تي راضپو ظاهر ڪيو پر هاڻ حڪومت اجلاس گهرائي رهي آهي.اپوزيشن ميمبرن اسد قيصر کان سوال ڪيو ته هاڻ ٻڌايو توهين ڪنهن جي ٿي؟ جنهن تي اسپيڪر چيو ته مان وزيرن کي گهرائي هاڻ ڳالهايان ٿو، اتفاق راءِ سان قانون سازي ٿئي ته بهتر ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.