شهيد ناظم جوکئي جي ڀاءُ ڪيس جي شفاف جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، آءِ جي سنڌ کي خط

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ناظم جوکيو قتل ڪيس، ڪيس جي فريادي مقتول جي ڀاءُ افضل جوکيو قتل ڪيس جي صاف شفاف تحقيقات لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ لاءِ آئي جي سنڌ کي درخواست ڏئي ڇڏي، ڪيس جي فريادي افضل جوکيو درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته 03 نومبر تي منهنجي ڀاءُ ناظم جوکيو کي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ بيدردي سان قتل ڪيو ويو، درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته هن وقت تائين ٿيندڙ جاچ مان مطمئين نه آهيون، مرڪزي جوابدار ڄام اويس گهرام جوکيو ۽ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو کان صحيح طرح جاچ نه پئي ڪئي وڃي،اڃا تائين مقتول ناظم جوکيو جا ڪپڙا، چپل،موبائل فون، ٻٽون ۽ ٻيو سامان هٿ نه ڪيو ويو آهي، ڄام اويس گهرام ۽ ڄام عبدالڪريم سان مهمان خصوصي طور سلوڪ ڪيو پيو وڃي، پرڏيهي ماڻهن جي حوالي سان جاچ ۾ ڪابه تحقيقات نه پئي ڪئي وڃي نه ئي هن وقت تائين انهن جي نالن جي خبر پئجي سگهي آهي، پرڏيهي جنهن گاڏي ۾ مقتول ناظم جوکيو کي جوابدار نياز سالار جي مدد سان اغوا ڪري کڻي ويا اها گاڏي اڃا تائين نه ملي سگهي آهي درخواست ۾ اپيل ڪئي آهي ته قتل ڪيس ۾ دهشتگردي سميت ٻيون سنگين قلم شامل ڪيا وڃن، درخواست گذار افضل جوکيو ايس ايس پي تنوير عالم اوڍو جي سربراهي ۾ نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي، درخواست ۾ گهر ڪئي وئي آهي ته نئين جي آءِ ٽي ۾ رينجرز ۽ حساس ادارن تي آفيسرن کي پڻ شامل ڪيو وڃي، درخواست گذار افضل جوکيو درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته قتل ڪيس جي فريادي، شاهدن ۽ وڪيلن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

  • سنڌ سرڪار شهيد ناظم جي وارثن سان گڏ آهي: سعيد غني

ملير (ڊ ر)صوبائي وزير اطلاعات ۽ محنت سنڌ سعيد غني ۽ سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو

آچار سالار ڳوٺ پهچي سندس شهيد ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو ۽ وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ فاتح خواني ڪئي، ان موقعي تي صوبائي وزير اطلاعات ۽ محنت سعي

د غني ۽ سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو چيو ته هي واقعو انتهائي ڏکائيندڙ آهي ۽ هن واقعي جي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سميت سڄي پارٽي مذمت ڪئي آهي، هنن چيو ته اسان شهيد ناظم جوکيو جي سڄي فيملي ۽ سمورن وارثن کي يقين ٿا ڏياريون ته سنڌ حڪومت انهن سان گڏ بيٺل آهي، هي ڪنهن جو ذاتي فعل هو ان سان پارٽي جو ڪوبه تعلق نه آهي، هنن چيو ته شهيد ناظم جوکيو جي وارثن کي يقين ٿا ڏياريون ته شهيد جي خون سان انصاف ڪيو ويندو، اسان اوهان سان گڏ آهيون، ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين.

  • فهميده سيال جا قاتل آزاد ڇو؟ خيرپور ۾ ريلي

خيرپور(س ر) شهيد فهميدا سيال جي ظالماڻه قتل خلاف خيرپور ۾ سيال ويلفيئر ايسوسيئيشن ضلعي قيادت پاران نيشل بينڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، ريلي جي اڳواڻي ارشاد علي سيال، حاجي ڪليم الله سيال، لطف الله خان سيال، شاهد نواز سيال ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته قمبر ۾ بااثر  جوابدارن ايم پي اي گهنور اسراڻ ۽ سندس والد شهيد اسراڻ پاران سيال برادري جي زمين تي زبردستي قبضو ڪيو ويو، روڪڻ تان ايم پي اي گهنور اسراڻ سيال برادري جي مردن کي پوليس جي مدد سان بي گناهه گرفتار ڪرائي زمين تي قبضي لاءِ هٿيار بند وٺي آيو ،فهميده سيال کي شهيد ڪيو ويو،

  • ڏهرڪي ۾ سرداري نظام خلاف ريلي

ڏهرڪي(ن ع آ) ڏهرڪي ۾ ساڃاهه وند ڌريون سرداري نظام خلاف ميدان ۾ اچي ويون صحافي محمد صادق لغاري جي اڳواڻي   سرداري نظام خلاف  شهيد ناظم جوکيو جا فوٽو کڻي سخت احتجاج ڪيو ويو  ۽ ريلي ڪڍي ويئي جنهن سرداري نظام خلاف ۽ ظالمو جواب ڏيوخون جو حساب ڏيو نعرو هنيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن چيو اسان شهيد ناظم جوکيو کي انصاف فراهم ڪرڻ صدين کان قائم هن فرسوده سرداري نظام خلاف جدوجهد جو اعلان ڪريون ٿا.

 

  • ٿر ۾ عرب شڪارين لاءِ ڪئمپون قائم، ڳوٺاڻن جي مزاحمت،وڊيوز ٺاهي وائرل

مٺي/ڇاڇرو(رپورٽ:غازي بجير/يعقوب بجير) ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف علائقن ڇاڇرو،ڏاهلي،ڏيپلو ۽ ننگرپارڪر جي ڳوٺن ۾ عرب شهزادن جي شڪار لاءِ انتظاميا مقامي عربن جي سهولتڪارن سان گڏجي ڳوٺاڻن جي سخت اعتراضن باوجود ڪئمپون قائم ڪرائي ڇڏيون آهن،ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ مبارڪ رند جي اوڀر طرف عرب شڪارين جي مقامي سهولتڪارن پاران ڳوٺاڻن جي ٻنين ويجهو لنگهھ رستا بند ڪري رات پيٽ ۾ ڪئمپ قائم ڪئي،جنهن بعد ڳوٺاڻن پاران قائم ڪيل ڪئمپ تي سخت اعتراض ڪندي ڪئمپ پٽڻ جو چيو،پر مقامي سهولتڪارن پاران جواب ڏيڻ جي صورت ۾ ڳوٺ جي نوجوانن همٿ جو مظاهرو ڪندي قائم ڪيل ڪئمپ جي وڊيوز ۽ تصويرون ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون،معاملو سوشل ميڊيا تي باھ جيئان ڀڙڪي پيو،نوجوانن پاران سخت موقف ۽ مزاحمت ڪرڻ بعد نيٺ انتظاميا مجبور ٿي وئي،مختيارڪار ۽ ايس ايڇ او ڄاڻايل سرزمين تي پهتا،جتي ڳوٺاڻن پاران ڪئمپون پٽي کڻڻ جي چتاءُ کانپوءِ اُهي قائم ڪيل ڪئمپون اُتان ختم ڪيون ويون،ڳوٺاڻن انتظاميا کي سختي سان وارننگ ڏيندد چتاءُ ڏنو آهي ته اسان جي علائقي ڪٿي به ڪا شڪار واري ڪئمپ قائم ڪئي وئي ته سخت مزاحمت ٿيندي،اگر ڪو به نقصان ٿيو ته اُنهي جي ذميوار انتظاميا هوندي،ڳوٺاڻن رجب رند،شير محمد رند،عطامحمد رند،محمد يوسف رند ۽ ٻين چيو ته ڪئمپ لڳائي زيادتي ڪئي وئي آهي ،مقامي انتظاميا عرب شڪارين جي سهولتڪارن کي به ساڳئي عرب شهزادن واري سيڪيورٽي فراهم ڪري ڇڏي آهي.

  • سرداري نظام سنڌ لاءِ ناسور آهي،خاتمو اڻٽر آهي: صنعان قريشي

ڌاٻيجي (ن ع آ) جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي ، مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام ،ڪلچر سيڪريٽري ڏاڏو اطھر سومرو سان گڏ شهيد ناظم جوکيو جي ڳوٺ تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي انهي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهيد ناظم جوکيو جا قاتل  قانون جي پڪڙ کان بچي نه سگهندا،سنڌ کي شڪارگاھ نه بڻايو، پکين ۽ جانورن جي شڪار تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وڃي،هن چيو ته سنڌ اندر سرداري نظام سنڌ لاءِ ناسور آھي وڏيرا شاهي مظلوم ماڻھن جو جئيڻ جنجال ڪري ڏنو آھي شهيد ناظم جو بي رحماڻو قتل مذمت جوڳو عمل آھي

  • عرب شهزادي بابت يو اي اِي سفارتخاني کي خط

ملير (ڊ ر) ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي، جاچ پوليس مقتول ناظم جوکيو جو موبائل فون، ڪپڙا کوهه مان هٿ ڪري ورتا، جاچ پوليس وفاقي سرڪار کي پرڏيهي شڪارين ۽ گاڏي جي تفصيل متعلق متحده عرب امارات جي سفارتخاني کي جاچ لاءِ پڻ خط لکي ڇڏيو آهي.

  • ”سرداري نظام نامنظور“ ڪلوئي ۾ ريلي

ڪلوئي (رپورٽ: نواز لنڊڪلوئي) عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران سرداري نظام کان ڇوٽڪارو جي سري هيٺ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ اڳواڻنڪولھي اتحاد اڳواڻ رڻ شال ڪولھي، معشوق سومرو، شيرخان لنڊ، رڻ شاخ ٽيل ايسوسيئيشن صدر عثمان ھالو صحافي رضا ھالو صحافي وسايو مورو منظور لنڊ زاھد ۽ ٻين ڳالهيندي چيو ته عوامي آواز ميڊيا گروپ وقتائتو قدم کڻڻ تي دل سان آجيان ڪريون ٿا عوامي آواز ھميشه مظلومن جو ڪيس بھادري ۽ مضبوطي سان وڙھي پئي ناظم جوکيو جي قتل جي ڪيس ۾ مضبوطي ۽ بھادري سان وڙھي قاتلن کي وائکو ڪيو

  •  ”ماحول سازگار ناهي، آجيان نٿا ڪري سگهون“ اهم سردارن جو شڪارين کي نياپو

حيدرآباد(رپورٽر) “اسين اوهان جي آجيان نٿا ڪري سگهون” عوامي مزاحمت کانپوءِ سنڌ ۾ شڪار جي لاءِ ماحول سازگار ناهي رهيو. اهڙو نياپو جاگيرداراڻو پسمنظر رکندڙ ٽن اهڙن سگهارن ماڻهن سنڌ ۾ شڪار جي لاءِ ايندڙ شڪارين کي ڏياري موڪليو آهي، جيڪي هر سال سنڌ اچي تلور سميت ٻين پکين جو شڪار ڪندا هئا. سنڌ جي هڪ ذميوار صحافي عوامي آواز کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ سرداري نظام خلاف مزاحمت ۽ پکين سان پيار ڪندڙ ناظم جوکيو جي جان ارپڻ واري واقعي کانپوءِ سنڌ ۾ ڏاڍ جي علامت بڻيل ڪيترن ئي بااثر ماڻهن ٻاهران ايندڙ شڪارين جي ميزباني ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙن  بااثر ماڻهن جا نالا پڻ ٻڌايا آهن، جيڪي هن سال سنڌ جي پٽن تي پکين جي شڪارين جا خيما کوڙائي نه سگهندا. ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي سنڌ جي ان اجتماعي عوامي ردعمل جي واکاڻ ڪندي   چيو پيو وڃي ته سنڌ ۾ هن سال 50 سيڪڙو ٻاهريان شڪاري سنڌ اچي نه سگهندا ۽ جيڪي سنڌ ايندا انهن کي عوامي ردعمل کي مُنهن ڏيڻو پوندو.

  • سکر ۾ ايس ٽي پي پاران اڄ سرداري نظام خلاف ريلي جو اعلان

سکر( رپورٽر) سنڌ ۾ سرداري نظام خلاف ۽ شھيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا ڏيڻ جي حوالي سان سنڌ ترقي پسند پارٽي سکر ضلعي جي چيف آرگنائيزر محمد علي شيخ پاران پڌرو ڪيو ويو آھي ته 14آڪٽوبر2021ع آچر ڏينهن شام جو 5 وڳي سکر پريس ڪلب آڏو ڏيئا ٻاري شھيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا ڏني ويندي ۽ سرداري نظام جي خاتمي تائين جھدوجھد جاري رکڻ جو عزم ڪيو ويندو.

  • سرداري نظام غريبن جي ترقي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي: غلام قمبر حاجاڻو

گلشن اقبال(ن ع آ) ع ج پ مرڪزي اڳواڻ غلام قمبر حاجاڻو چيو آهي ته سرداري نظام سنڌ لاءِ قاتل زهر آهي ڌرتي توڻي قومي خوشحالي سرداري نظام جي خاتمي سان ئي ممڪن آهي جاگيرداري، سرداري نظام غريب ماڻهن جي ترقي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي سرداري غلامي جو ٻيو نالو آهي سردار فرسودا نظام تحت مسڪين ماڻهن جو استحصال ڪري رهيا آهن ناظم جوکيو سرداري تلوار جو کاڄ بڻيو پر سندس جرئت ۽ همت کي سلام پيش ڪجي ٿو ڇاڪاڻ ته هن سرداري نظام جي هلندڙ ظلم کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو .

  • سردارن رياست اندر رياست قائم ڪئي آهي: غلام سرور پليجو

ڌاٻيجي(ن ع آ) عوامي رابطا تحريڪ جو مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ غلام سرور پليجو ،محترم غلام نبي پليجو ،ليڊيز ونگ جي صدر ايڊووڪيٽ تنزيلا خاصخيلي ،فضيلا شيخ،انيلا پليجو ۽ نوشاد نياز پليجو ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سردارن پاران سنڌ جي اندر رياست مٿان ٻئي رياست قائم ڪئي وئي شهيد ناظم جو قتل سڄي انسانيت جو قتل آھي جهڙي نموني سان ناظم کي وهيشاڻو تشدد ڪري ان جو قتل ڪيو ويو جنهن سان انسانيت جو سر جهڪي ويو آھي جستائين سنڌ جي اندر تعليم عام نه ٿيندي تيستائين سنڌ جي اندر شعور نه ايندو انهي ڪري تعليم.کي عام ڪري سرداري نظام جي تڏا ويڙھ ڪرڻي پوندي ان سان ئي سنڌي قوم ترقي ڪندي

  • سردار تباهي پسند آهن، هو نٿا چاهين ته شعور وڌي: شبير شر

حيدرآباد(رپورٽر) ماضيءَ ۾ ضياءَ جي آمريت خلاف ويڙهاند ڪندي پنهنجي ڦوهه جواني جيلن ۾ گذاريندڙ نامياري قانوندان شبير شر عوامي آواز طرفان “سنڌ جو نعرو سرداري نظام کان ڇوٽڪارو” واري مهم کي ساراهيندي چيو آهي ته عوامي آواز جو هي هڪ بهترين قدم آهي، هن وقت اسان وٽ انقلابي پارٽي جو ڪوبه وجود ڪونهي، سرداري نظام غير قانوني ۽ غير آئيني آهي،  سردار تباهي پسند آهن، هو نه ٿا چاهين ته ماڻهن ۾ علم ۽  شعور وڌي ۽ ماڻهو سندن سامهون ٿين، هو ترقي ۽ تعليم جا دشمن آهن. عوامي آواز سان ڳالهائيندي شبير شر وڌيڪ چيو ته نظام ان کي سڏبو آهي، جنهن جي ڪا قانوني حيثيت هجي پر هتي سرداري نظام آهي ئي ڪونه، انگريزن جڏهن 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ ماڻهو خريد ڪيا، يا جن ڌرتي سان غداري ڪئي، انهن ماڻهن کي ڪجهه خطاب ڏنا، انهن مان ڪن کي خان بهادر، ڪن کي سر ته ڪن کي سردار جا خطاب مليا، اهي سڀ گولا ۽ غلام هئا، جيڪي هن ڌرتي جا مخالف بڻيا هئا. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ يا سوويت يونين جي انقلاب جو اثر جڏهن هن خطي تي پيو ته ان وقت ڪير به  پنهنجو پاڻ کي سردار سڏائڻ لاءِ تيار نه هو،  حيدر بخش جتوئي وڏيرن خلاف اليڪشن وڙهيو، عبدالڪريم گدائي، قاضي فيض محمد ان کان گڏ هئا،  سائين جي ايم سيد به ان نظام کي ڪرپٽ ۽ انگريزن جي پيداوار سڏيو. هن چيو ته پاڪستان جي قانون ۽ آئين ۾ ڪٿي به هنن کي ڪابه مراعت ڪونهي، پر جيئن ئي سوشلسٽ بلاڪ ٽٽو ۽ جڏهن ليفٽ ڪمزور ٿي ته پوءِ اهو مدي خارج طبقو اڀريو. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي دور ۾ سرداري نظام تي هميشه لاءِ پابندي لڳائڻ پئي ويو، پر ان کي وقت نه مليو محترمه جي شهادت کانپوءِ سردارن ۽ وڏيرن پيپلز پارٽي ۾ اچي جڳهه ولاري آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ موجود سردارن توڙي وڏيرن جي سرداري هلندي ئي ٿاڻن تي آهي، هن چيو ته هاڻي هڪ وڌيڪ ڀيانڪ صورتحال ٿيڻ پئي وڃي، جاگيردارن پنهنجن ٻارن کي قانون جي ڊگري وٺي ڏئي، انهن کي بيريسٽر بڻايو آهي، هر سردار جي گهر ۾ ٻن کان ٽي بيريسٽر موجود آهن، جيڪي 10 سالن کانپوءِ هاءِ ڪورٽ جا جج ٿيندا، هو عدالتي نظام کي مفلوج ڪرڻ لاءِ وڃن پيا. هن چيو ته هڪ هڪ گهر ۾ 10 سردار پيدا ٿيا آهن، جن اسيمبلين تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ سرداري نظام خلاف قانون پاس نه پيو ٿئي، جيستائين قانونسازي نه ٿيندي، هن ناسور مان جان نه ڇٽيندي.  هن چيو ته 2004ع ۾ مون جرڳا سسٽم خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي ته جرڳا غير قانوني آهن، جنهن تي عدالت جرڳا سسٽم کي غير قانوني قرار ڏنو هو، هن چيو ته هي واحد حڪمران آهن، جيڪي پيسن عيوض پنهنجي ماحول کي خراب ڪري مهمان پکين کي مارائين ٿا، سنڌ مان ڪيترائي اهڙا پکي آهن، جن جا نسل ئي ختم ٿيندا پيا وڃن، سنڌ ۾ طوطو اڻلڀ ٿي ويو آهي، ڪاٺڪٽ نظر نه ٿو اچي، ٿر جو ٻاٻيهو صرف شاعري ۾ ٻڌڻ ۾ ٿو اچي، خنجر ڪٿي آهي، چڪور نظر نه ٿو اچي، اهي سڀ پکي ماري انهن جو نسل ختم ڪيو ويو آهي. باقي مور بچو آهي، پر جيڪڏهن لوڪل ماڻهو انهن کي نه بچائين ته هي سردار انهن کي به ختم ڪري ڇڏين.

  • ناظم جوکيو ڪيس: سليم سالار ملير جي عدالت مان ضمانت ڪرائي ورتي

ملير (ڊ ر) ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ ملوث قرار ڏنل جوابدار سليم سالار سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ٽن ڏينهن جي حفاظتي ضمانت بعد ملير جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج فرسٽ نويد احمد سومرو جي عدالت ۾ جوابدار جي وڪيل اسدالله ميمڻ جي معرفت ضمانت لاءِ درخواست جمع ڪرائي، جنهن تي عدالت پاران ٽي لک روپين جي مچلڪن عيوضن سندس ڏهن ڏينهن جي ضمانت منظور ڪندي 22 نومبر تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو، جنهن بعد پڪي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي ويندي.

  • سنڌ حڪومت جاگيردارن جي سرپرستي پئي ڪري: عوامي تحريڪ

وارهه (پ ر) عوامي تحريڪ جي کاهوڙي ڪردار، پنهجي عملي جدوجهد ۽ قلمي پورهئي ذريعي عوام دشمن قبائلي نظام کي للڪاريندڙ،ليکڪ ڪامريڊ منان چانڊئي جي چاليهي جي تقريب وارهه ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب کان اڳ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ شهرين ڪامريڊ منان جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي،تقريب  کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي چيو ته رسول بخش پليجي صاحب ڪامريڊ منان جهڙا عظيم ماڻهو ڳولهي گڏ ڪيا پورهيتن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ هٿرادو مهانگائي ڪئي وئي آهي، شهيد ناظم جوکيو جهڙن ڳڀرو نوجوانن کي قتل ڪندڙ جاگيرار ڄاڻين ٿا ته پوليس انهن جي ڪمدار آهي ان ڪري هو قانون جو احترام نٿا ڪن. سنڌ حڪومت مڪمل طور جاگيردارن جي سرپرست حڪومت آهي. عبدالقادر رانٽو چيو ته ڪامريڊ منان جهڙن سوين ڪميٽيڊ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، عمراهه سمون چيو ته سنڌ ايپيڪس ڪميٽي جاگيردارن کي مچائي مواڙ ڪري عورتن سان وڏو ظلم ڪيو آهي ڊاڪٽر دلدار لغاري چيو ته ڪامريڊ منان سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ۽ ٻين جدوجهدن ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو، عاطف ملاح چيو ته سنڌ ۾ جاگيردارن کي هڪ دفعو ٻيهر مچائي مواڙ ڪيو ويو آهي چاليهي جي تقريب ۾ ساجد حسين مهيسر، گل حسن ڪيڙانو، ڪامريڊ منان جي نياڻي مرڪ منان، عرفان منان ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.