ٿر ۾ عرب شڪارين لاءِ ڪيمپون قائم، مزاحمت بعد پٽرايون ويون

مٺي/ڇاڇرو(رپورٽ:غازي بجير/يعقوب بجير)ٿر ۾ عرب شڪارين لنگهه بند ڪري ڪيمپون قائم ڪري ڇڏيون، ڳوٺاڻن جي مزاحمت ۽ وڊيو ٺاهڻ بعد انتظاميا ڪيمپون پٽرائي ڇڏيون.

ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف علائقن ڇاڇري، ڏاهلي، ڏيپلي ۽ ننگرپارڪر جي ڳوٺن ۾ انتظاميا عرب شهزادن جي شڪار لاءِ سهولتڪارن سان گڏجي ڳوٺاڻن جي سخت اعتراضن باوجود ڪئمپون قائم ڪرائي ڇڏيون .

ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ مبارڪ رند جي اوڀر طرف عرب شڪارين جي مقامي سهولتڪارن پاران ڳوٺاڻن جي ٻنين ويجهو لنگھ رستا بند ڪري رات پيٽ ۾ ڪئمپ قائم ڪئي، جنهن بعد ڳوٺاڻن پاران قائم ڪيل ڪئمپ تي سخت اعتراض ڪندي ڪئمپ پٽڻ جو چيو، پر مقامي سهولتڪارن  کتو جواب ڏئي ڇڏيو.

ڳوٺاڻن قائم ڪيل ڪئمپ جي وڊيوز ۽ تصويرون ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون، معاملو ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ مختيارڪار ۽ ايس ايڇ او ڄاڻايل هنڌ پهچي ڪيمپون پٽرايون.

ڳوٺاڻن انتظاميا کي سختي سان چتاءُ ڏيندي چيو ته اسان جي علائقي ۾ ڪٿي به ڪا شڪار واري ڪئمپ قائم ڪئي وئي ته سخت مزاحمت ٿيندي، اگر ڪو به نقصان ٿيو ته اُنهي جي ذميوار انتظاميا هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.