واٽس ايپ واهپيدارن جي لاءِ خوشخبري، وڏو مسئلو حل

واٽس ايپ ڪمپني پنهنجي واهپيدارن جو وڏو مسئلو حل ڪري ڇڏيو آهي.

ڊبليو اي بيٽا جي رپورٽ موجب ڪمپني جا اهي واهپيدار جيڪا ايپ کي آءِ فون تي استعمال ڪري رهيا هئا انهن کي هڪ وڏي پريشاني سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو اُها اِها ته واٽس ايپ چيٽ ونڊو کولڻ سان اها هڪ نئين انداز سان نظر ايندي هئي جنهن سان واهپيدارن کي ڏکيائي ٿيندي هئي.

اها پريشاني آهي ته تمام هلڪي پر ڪجهه واهپيدارن جي لاءِ مٿي جو سُور بڻجي وئي هئي، جنهن جي ڪري انهن ڪمپني کي شڪايتون به داخل ڪرايون هيون.

پنهنجي واهپيدارن جي پريشاني کي نظر ۾ رکندي ڪمپني 2.21.220 ورزن وارن جي لاءِ نئين اپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.

واضح رهي ته گذريل سان واٽس ايپ طرفان پرائيويسي پاليسي متعارف ڪرائي وئي هئي جنهن کي سڄي دنيا جي واهپيدار سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻايو هو انکانپوءِ متبادل طور ٽيلي گرام، بپ ۽ سگنلز تي اڪائونٽ ٺاهيا ويا.

واهپيدارن جي گهڻي تنقيد ۽ دٻاءَ کانپوءِ واٽس ايپ ڪمپني ان پاليسي کي واپس ورتو ۽ واهپيدارن جي ڌيان ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ نوان فيچر متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.