شوڪت شوري جو وڇوڙو ادب لاءِ وڏو نقصا آهي:اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر)  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ناليواري ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ اديب، اسڪالر شوڪت حسين شورو جي لاڏاڻي تي گھري ڏک جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ شوڪت حسين شورو جو وڇوڙو سنڌي ادب لاء وڏو نقصان آھي۔  ھن سڄي زندگي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪئي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ شوڪت حسين شورو سنڌ جو وڏو اثاثو هو، سندس وڇوڙو سنڌي ادب، ٻوليءَ جو وڏو نقصان آھي، سندس سنڌ وطن لاءِ ڪيل خدمتون وساري نٿيون سگھجن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ شوڪت حسين شورو ساھ جي آخري ھڏڪي تائين سنڌي ادب لاءِ جاکوڙيندو رھيو۔ ھن سنڌي ۽ سنڌ جي مسئلن کي ڪهاڻي جو روپ ڏئي عڪس بندي ڪئي۔ اياز لطيف پليجو چيو تہ شوڪت حسين شورو جسماني طور اسان کان جدا ٿيو آھي پر ان جون لکڻيون ھميشہ اسان سان گڏ رھنديون۔ سندن ڪھاڻيون سنڌي ادب ۾ نمايان رھنديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.