ڪوٽڙي لڳ هٿياربندن جي فائرنگ، ڳوٺاڻو زخمي، احتجاجي مظاهرو

حيدرآباد(رپورٽر) ڪوٽڙي جي ڳوٺ ڌڻي بخش کوسو جي رهواسين پاران بااثر ماڻهن جي ناجائزين خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون محمد بخش کوسو، منٺار کوسو، وريام کوسو، محب علي کوسو، اختيار کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته 24 آڪٽوبر جي ڏينهن سندن گهر سامهون علائقي جي بااثر ماڻهن فائرنگ ڪري سندن نوجوان پانڌي کوسو کي سخت زخمي ڪري وڌو، جيڪو هينئر تائين سول اسپتال حيدرآباد ۾ زير علاج آهي. هنن چيو ته ڪوٽڙي سائيٽ ايريا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي پر پوليس اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي آندي ، جڏهن ته جوابدار ڌر موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.