ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ رسالدار پوليس جو مبينا زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو ميڊيا سينٽر آڏو احتجاج ڪيو ويو.ڳوٺ اگن خان گولاٽو جي رهواسي ڳوٺاڻن امان الله،نظر علي،نوشير گولاٽو ميڊيا سينٽر آڏو احتجاج ڪندي داهنيو آهي ته رسالدار پوليس ايس ايڇ او منظور احمد ڊومڪي متاثر ڳوٺاڻن کي بلاجواز هراسان ڪري رهيو آهي.هنن چيو ته رسالدار پوليس بلاجواز هاري نور زمان گولاٽو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته پوليس نوجوان جي آزاري عيوض 2 لک روپيا رشوت گهري رهيو آهي پئسا نه ڏيڻ تان نوجوان هاري کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن متاثر ڳوٺاڻن داهيندي چيو ته نوجوان کي پوليس 3 ڏينهن کان کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي خوف آهي ته پوليس نوجوان کي نقصان پهچائي هنن آءِ جي سنڌ،ڊي آءِ جي لاڙڪاڻه،ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته ان معاملي جو نوٽيس وٺي رسالدار پوليس خلاف ڪاروائي ڪري نوجوان کي آزاد ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.