گھوڙا ٻاڙي: ور شهر ۾ ناظم جوکيو جي قاتلن کي سزا  ڏيارڻ لاءِ احتجاج

 

ٺٽي جي ڪوهستان پٽي ۾ تلور جو شڪار ڪندڙ عرب شھزادن جي ويڊيو ڀري وائرل ڪرڻ تان بيدردي سان قتل ڪيل ناظم جوکيو جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ ور شهر ۾ جمعيت علماء اسلام پاران اڳواڻن مولانا محمد سليم، عاطف چانڊيو ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب ور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ناظم جوکيو کي تشدد ڪري بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، قتل ۾ ملوث مک جوابدار جي پاڻمرادو گرفتاري ڏيڻ مقتول جي وارثن ۽ ساڃاهه وندن جي جدوجهد جو نتيجو آهي.

هنن مطالبو ڪيو آهي نوجوان جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ سنڌ ۾ عربن جي شڪار تي پابندي هنئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.