ڪراچي سرڪلر ريلوي سان شهرين سهولت ملندي

ڪراچي (پ ر ) ريلوي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر محمد قاسم  چيو آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) سان شهرين کي بهترين سفري سهولتون فراهم ٿينديون، ڪميٽي جي ذريعي سفارش ڪنداسين ته ڪي سي آر کي ايئرپورٽ سان به لنڪ ڪيو وڃي ته جيئن اندرين ۽ ٻاهرين ملڪ کان ايندڙ مسافر به ان سهولت مان فائدو وٺي سگهن، اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ جي ريلوي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر محمد قاسم اڱاري تي سٽي اسٽيشن ۾ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ سينيٽر محمد اسد علي خان جوڻيجو، سينيٽر رانا محمود الحسن، سينيٽر سيف الله سرور خان نيازي، سينيٽر دوست محمد خان ۽ ريلوي جي اعليٰ عملدارن سميت سي اي او نثار احمد ميمڻ، پراپرٽي اينڊ لينڊ جي ڊي جي امجد اقبال، سي اي اين، اوپن لائين عرفان الحق، ڪراچي جي ڊي ايس حنيف گل، سکر جي ڊي ايس شعيب عادل، پي ڊي ڪي سي آر امير محمد دائود پوٽا سميت ٻين شرڪت ڪئي، ريلوي عملدارن اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ڪي سي آر، سنڌ صوبي ۾ ريلوي زمينن تي قبضن ۽ انهن کي خالي ڪرائڻ لاءِ کنيل قدمن ۽ بلوچستان صوبي ۾ 10 سب انجنيئرز جي ريگولرائيشن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر محمد قاسم ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان اهم شهر آهي ۽ هتي ٽريفڪ جا تمام گهڻا مسئلا آهن، هن چيو ته ڪي سي آر جي ڪري عوام کي سفري سهولتن جي حوالي سان درپيش مشڪلاتون گهٽ ٿي وينديون. بريفنگ دوران ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪي سي آر 207 بلين روپين جو منصوبو آهي، شروعاتي ڪاٿي جي موجب ان مان روزاني 4 لک 75 هزار مسافر فائدو حاصل ڪري سگهندا، جڏهن ته 10سالن کانپوءِ اهو تعداد 11 لکن تائين پهچي ويندو، هن چيو ته ڪي سي آر منصوبي تي اليڪٽرڪ ٽرينون هلايون وينديون ۽ هڪ ٽرين ۾ 814 مسافرن جي گنجائش هوندي، بريفنگ دوران وڌيڪ ٻڌايو ويو ته شهر ۾ ٺهندڙ مختلف 6 بي آر ٽيز سان ڪي سي آر کي لنڪ ڪيو ويندو. جنهن جي ڪري شهرين کي وڌيڪ فائدو ٿيندو ۽ شهر جي روڊن تان ٽريفڪ جو بار گهٽ ٿيڻ ۾ مدد ملندي. سنڌ صوبي ۾ ريلوي زمين تي قبضن ۽ انهن کي خالي ڪرائڻ لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان به ڪميٽي کي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت جي ٽن سالن جي دوران ڪراچي ۽ سکر ڊويزن ۾ ريلوي جي 152.8 ايڪڙ زمين خالي ڪرائي آهي، سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن هدايت ڏني ته ريلوي جي زمين خالي ڪرائڻ سان گڏ اهڙا قدم کنيا وڃن ته وڌيڪ ريلوي جي زمين تي ڪو به قبضو نه ڪري سگهي. سب انجنيئرز جي مستقلي جي حوالي سان ڪميٽي کي چيو ويو ته ان تي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کان آگاهي حاصل ڪرڻ کانپوءِ سفارشون ڏنيون وينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.