گهوٽڪي:سول اسپتال سکر انتظاميا جي غفلت سبب ڌيءَ فوت ٿي:گهوٽڪي واسي

شانتي ننگر محلي گهوٽڪي جي رهواسي پورهيت رياض بوزدار دانهيو آهي ته نياڻي کي طبيعت خراب هجڻ تي تعلقا اسپتال گهوٽڪي ۾ داخل ڪرايو هو جتي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ارباب ملڪ ٻارڙي جي طبعيت سيريز هجڻ جو چئي سول اسپتال سکر جي چئلڊرين وارڊ ريفر ڪيو،  اسان نياڻي کي ايمبولينس تي کڻائي چلڊرين وارڊ سکر پهتاسين جتي ٽن ڪلاڪن تائين اسپتال جي انتظاميه وارڊ ۾ بسترو خالي نه هجڻ جو چئي داخل ڪرڻ کان انڪار ڪندي رهي جنهن بعد مجبور ٿي واپس گهوٽڪي تعلقا اسپتال پهتاسين ، سڄي رات ٻارڙي بيهوشي واري حالت ۾ گيس جي نلڪي ذريعي ساه کڻي رهي هئي، صبح سان تعلقا اسپتال گهوٽڪي ۾ فوت ٿي وئي،ٻارڙي جي والد جو چوڻ هو ته سندس نياڻي جي موت جو ڪارڻ سول اسپتال سکر جي چلڊرين وارڊ جي ڊاڪٽرن جي غفلت آهي، هن وڏي وزير، صحت واري وزير کي اپيل ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي غفلت ڪندڙ عملي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ته جئين ٻين ٻارن جون حياتيون بچي سگهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.