خيرپور ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي،15 گهر ڊاهي پٽ، متاثرن جو احتجاج

خيرپور (رپورٽ : شاهد نواز سيال) خيرپور ڀرسان ڳوٺ ڄام خان جتوئي ۾ سکر ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس چڙهائي ڪري 15 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن جتوئي برادري جي ماڻھن جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آھن هن سلسلي ۾ متاثر ڳوٺاڻن مانجهي خان جتوئي ، ناهيد علي ،سڪندر جتوئي ، غلام رسول ، دين محمد ، ساجن ، صوبل ، مولوي لياقت ، زاهد علي جتوئي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ حرا اسپتال ڀرسان قتل ٿي ويل ناظم علي جاڳيراڻي ۽ غلام مرتضا جاڳيراڻي جي قتل جو الزام جتوئي برادري جي ماڻھن مٿان لڳايو ويو آھي جهن جو ڪيس 5 ڄڻن مٿان داخل ڪيو ويو آھي جن جو اسان جي ڳوٺ سان ڪو به تعلق ناهي ، پر جاگيراڻي برادري جي بااثرن پ پ پ اڳواڻ يوسف جاگيراڻي جي چرچ تي سکر پوليس اسان جي گهرن تي چڙھائي ڪري ڪرين مشين جي مدد سان اسان جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آھن هنن چيو ته پوليس ڌر بڻجي جاگيراڻي ۽ جتوئي تڪرار هٿ سان وڌائڻ جو ڪردار ادا ڪري رهي آھي جيڪو غيرقانوني ۽ افسوس جوڳو عمل آھي هنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي انصاف ۽تحفظ فراهم ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.