سلطان ڪوٽ ڀرسان پوليس عملدار جي سرپئنچي هيٺ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو

سلطان ڪوٽ/ ميان صاحب (نمائندن وٽان) همايون شريف ٿاڻي جي حد ڳوٺ مقدم ميهر دل بکراڻي ۾ بکراڻي برادري جي ٻن عرفان بکراڻي ۽ اڪبر بکراڻي جي ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو اي ايس آءِ محمد حسن  بکراڻي ۽ بااثرن مقدم علي نواز بکراڻي ۽ مقدم محمد نواز بکراڻي جي سرپئنچي هيٺ ٿي گذريو، الزام هيٺ آيل ڌر عرفان بکراڻي مٿان ساڍا 8 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو، الزام هيٺ آيل ڌر ڏنڊ جي رقم مان هڪ لک رپيا موقعي تي ادا ڪيو، جڏهن ته ڏنڊ جي بقايا رقم ٻن قسطن ۾ ادا ڪندي، رابطو ڪرڻ تي همايون شريف ٿاڻي جي پوليس موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته ڪارنهن تڪرار جي جرڳي بابت اسان کي ڪابه خبر ناهي، جرڳي بابت چانج ڪري رهيا آهيون، باقي اي ايس آءِ محمد حسن بکراڻي ڇاپو هڻن لاءِ نڪتل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.