حليم عادل ڊيسڪ کڻي سنڌاسيمبلي پهتو، 5 هزارن ۾ خريد ڪرڻ جي دعويٰ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي پاران 29 هزار جي حساب سان 16 لک ڊيسڪون خريد ڪرڻ واري مامري کانپوءِ  سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ  حليم عادل شيخ ڪراچي جي مارڪيٽ مان هڪ ڊيسڪ خريد ڪري سنڌ اسيمبلي ۾کڻي پهتو، حليم عادل شيخ خريد ڪيل ڊيسڪ تي ويهي  پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ چيو ته مسٽر ڪلين شيو وزير تعليم جنهن 5 ارب جو ٺيڪو ڏيئي 16 لک ڊيسڪون خريد ڪرڻ جو ٽينڊر ڏياريو هو. ٽينڊر ۾ 29 هزار جي حساب سان 16 لک ڊيسڪون خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني ويئي آهي ساڳي ڊيسڪ ڪراچي جي لوڪل مارڪيٽ مان آئون 5 هزار ۾ خريد ڪري آيو آهيان، تعليم کاتي پاران ساڍا 3 هزار واري ڊيسڪ پڻ 23 هزارن ۾ خريد ڪئي پئي وڃي، تعليم کاتي پاران ڳري اگهه تي ڊيسڪون خريد ڪري 3 ارب جي لڳ ڀڳ ڪرپشن ڪئي پئي وڃي، ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جو شڪر گذار آهيان جن مامري جو نوٽيس وٺندي جاچ لاءِ خط لکيو آهي، هن چيو ته ڊيسڪن جي ڪرپشن جي پئسي مان بلاول زرداري جي ناشتي جو بل ڏنو ويندو آهي، بلاول هائوس کان وزير هائوس تائين انهي ڪرپشن جو پئسو پهچايو ويندو.ھن اعليٰ عدليه ۽ نيب کان مطالبو ڪيو ته ڊيسڪن جي خريداري ۾ ٿيل ڪرپشن جو نوٽيس ورتو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.