نيب نوري آباد پاور پلانٽ بابت گم ٿيل دستاويز عدالت پهچايا

اسلام آباد (اي پي پي) احتساب عدالت جي جج سيد اصغر علي جي عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين خلاف نوري آباد پاور پلانٽ ۾ مبينه گهوٻين بابت ريفرنس ۾ نيب گم ٿيل دستاويز عدالت پهچائي ڇڏيا، اڱاري ڏينهن ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر وسيم جاويد ۽ جانچ آفيسر حماد عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ريفرنس ۾ شريڪ جوابدارن جي حاضري لڳائي جڏهن ته مراد علي شاهه طرفان حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران نيب طرفان مس پرنٽنگ بابت وڪيلن جي درخواست تي جواب جمع ڪرائيندي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته واليم جي مس پرنٽنگ بابت نيون ڪاپيون فراهم ڪري رهيا آهيون، عدالت چيو ته ريفرنس جا واليم ڳڻي ڏنا ويا آهن، واليم ڏيندي توهان کي به ڏسڻ گهرجي ها، صفائي واري وڪيل چيو ته 66 واليم آهن انهن کي ڏسڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.