مقصودو ڦورن حوالي، واپارين کان لکين رپيا ڦر، پوليس خلاف ڌرڻو

مقصودو رند (ن ع آ )شھدادپور ٿاڻي جي حد ۾ ڦورن جو راڄ متل، النور فلور مل وٽ مقصودو رند جي واپاري سيٺ ڪشنچند کان 4 نامعلوم ھٿياربندن 7 لک 60 ھزار ڪيش رقم ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ڦر واقعي  خلاف احتجاجي  مظاھرو نوابشاھ شهداد پور  روڊ بلاڪ پوليس خاموش تماشائي بڻيل خبر موجب شهدادپور ٿاڻي جي حد النور فلور مل وٽ 4 نامعلوم ھٿياربندن مقصودو رند جي واپاري ۽ سلطان گروپ جي مالڪ سيٺ ڪشنچند کان 7 لک 60 ھزار ڪيش رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا اھڙي واقعي خلاف سيٺ ڪشنچند ۽ ٻين شھرين پاران نوابشاھ شھداد پور روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو احتجاج سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون ان موقعي تي سيٺ ڪشنچند ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آءُ بينڪ الحبيب شھدادپور مان 7 لک 60 ھزار روڪ رقم کڻي ڪار تي مقصودو رند آيس پئي ته منھنجي پويان ٻه موٽر سائيڪل ھڪ 125 ۽ ٻيو سي.ڊي 70 تي سوار 4 ھٿياربند منھنجي پويان لڳا ۽ النور فلور مل وٽ مون کي ھٿيارن جي زور تي روڪي 7. لک 60 ھزار ڪيش رقم ڦر ڪري شهداد پور شھر ڏانھن فرار ٿي ويا جڏھن ته پوليس کي اطلاع ڪيو پر پوليس دير سان پھتي جيستائين ڦورو فرار ٿي چڪا هئا ھن وڌيڪ چيو ته منھنجي اپيل آھي آئي. جي سنڌ ڊي.آئي جي شھيد بينظير آباد ۽ ٻين اعلیٰ اختيارن کي تہ منھنجي ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي وڃي ۽ مون سان انصاف ڪيو وڃي ٻي طرف واپاري ايسوسيئيشن مقصودو رند  جي اڳواڻ سيٺ زوار غلام عباس رند ۽ ٻين ڦر واري واقعي تي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سيٺ ڪشنچند کان ڦر شهدادپور پوليس جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي ۽ شهدادپور پوليس جي حد ۾ ڦرون چوريون روز جو معمول بڻيل آهن پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو واضع رھي تہ ھن ھفتي شھدادپور پوليس ٿاڻي جي حد ۾ ھي ڦر جو ٽيون واقعو آهي پر پوليس آگھور ننڊ ستل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.