لاڙڪاڻي ۾ لاپرواهي جي الزام هيٺ ٽن اهلڪارن جون نوڪريون چٽ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ايس ايس پي لاڙڪاڻو عوامي شڪايتن، فرضن ۾ غفلت ۽ لاپرواهي جي الزام هيٺ ٽن پوليس اهلڪارن جون  نوڪريون چٽ ڪرڻ سان گڏ ٽن اهلڪارن کي 2، 2 سال فار فيوچر سزا ڏئي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي ٻڌايو ته عوامي شڪايتن، فرضن ۾ غفلت توڙي لاپرواهي ڪرڻ تي پوليس جي ٽن اهلڪارن لال بخش، الطاف حسين ۽ دوست محمد جون نوڪريون ختم ڪري ٽن اهلڪارن محمد يوسف، معشوق علي ۽ خليل احمد کي ٻه ٻه سال فار فيوچر جي سزا ڏني آهي. هن چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت جهڙي اهم فرضن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.