ڏهه ڄڻن جي زيادتي وارو ڪيس عورت جي سازش نڪتو

 

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي هڪ عورت 10 ماڻهن خلاف مختلف نالن سان مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪرايا آهن جن کي پوليس ڪوڙا قرار ڏنو آهي.

نجي ٽي وي مبينه طور ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندڙ عورت جو رڪارڊ هٿ ڪري ورتو ۽ پوليس کان تفصيل گڏ ڪري ورتا.

پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جو نالو عظميٰ شهزادي آهي، جنن تحريم، خنسا، شازيا ۽ طيبا جي نالن سان لاهور، رحيم يار خان، لوڌران، احمد پور ۽ ملتان ۾ 10 مختلف ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرايا آهن.

عورت طرفان الزام مڙهيل ماڻهن ۾هڪ ايم پي اي سميت گهرو کاتي ۽ انڪم ٽيڪس جا آفيسر به شامل آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ ۾ اهي سمورا ڪيس ڪوڙا ثابت ٿيا آهن جن کي خارج ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان عورت خلاف به  ڪوٺو هلائڻ، فراڊ، چوري، ڌمڪين ۽ ڌوڪي جي الزامن جا 7 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.