ٽنڊي جان محمد ۾ 3 جوابدارن پاران نينگري سان اغوا بعد اجتماعي لڄالٽ

ميرپورخاص/ ڊگهڙي (نمائندا)  ٽنڊو جان محمد جي علائقي مير خدا بخش ڪالوني  مان ٽن وحشي صفت جوابدارن پاران 13 ورهين جي آسيا کي گھران اغوا ڪرڻ بعد کيس مبينا طور ڏاڍائي جو شڪار بڻايو ويو جنهن بعد والدين پاران ڌي سان ٿيل واقعي جو جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران مبينا طور وارثن کان ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هزارين روپيا اوڳاڙڻ وارن سوشل ميڊيا تي هلڻ وارين پوسٽن جو ايس ايس پي ميرپورخاص ڪيپتن (ر) اسد علي چوڌري نوٽيس وٺندي وارثن کي انصاف جي خاطري ڪرائي آهي ۽ واقعي جي اڻ ڌري جانچ ڪرائڻ لاءِ ٽيم جوڙي رپورٽ طلب ڪئي ويئي آهي ان حوالي سان ايس ايس پي ميرپورخاص جي پر آر او پاران جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مک جوابدار شاهد جٽ کي گرفتار ڪري اغوا ٿيل آسيا کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي جتي آسيا جوابدارن جي خلاف وڌيڪ انڪشاف ڪيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.