اسلام ڪوٽ: ڌارين جي آبادڪاري سميت سنڌ جي ٻرندڙن مسئلن جي حل لاءِ مظاهرو

ڌارين جي آبادڪاري سميت سنڌ جي ٻرندڙن مسئلن جي حل لاءِ قومي عوامي تحريڪ اسلام ڪوٽ طرفان ضلعي آرگنائيزر سبحان بجير،وڪيل شاهنواز هنڱورجو،دانش پرمار،پرشوتم پرمار،راڻو راٺوڙ،هيرو ميگھواڙ،ڀرت لعل جي اڳواڻي ۾ نادرا آفيس کان مين چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ 20 لک غير قانوني طور رهيل پرڏيهين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا ويا آهن ته ٻئي طرف افغانستان جون حالتون خراب ٿيندي ئي هزارين افغانين کي سنڌ ۾ رهائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومتون سرگرم آهن،جيڪي سازشون سنڌ  ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ هتي هڪڙو نئون اسرائيل قائم ڪرڻ جون سازشون آهن، هنن مطالبو ڪيوته سنڌ ۾ وڌيڪ پناهگيرن تي بندش لڳائي وڃي، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪن ۽ سنڌ کي  ٻين صوبن وانگر تعليم، روزگار، پاڻي ۽ بنيادي سهولتون ميرٽ جي بنياد تي بنا ڪنهن فرق جي ڏنيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.