کپرو: واپڊا جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ ٽرانسفارمر سڙڻ خلاف شهرين جو مظاهرو

کپرو ۾ واپڊا جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ ٽرانسفارمر سڙڻ واري واقعن خلاف شھرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. غريب آباد پاڙي جي رھواسين مين چوڪ تي ٽائرن کي باھ ڏئي نٽھڻ اس ۾ ايس ڊي او واپڊا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شھر ۾ ڪيترن ئي ڏينھن کان شديد گرمي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي جنھن سبب وڏين پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون،  ھنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڙي جو ٽرانسفارمر سڙڻ روز جو معمول بڻيل آھي ، ٽرانسفارمر ٺھرائن جا به پئسا ورتا وڃن ٿا جيڪو 2 ڏينهن کان پوءِ وري سڙي وڃي ٿو.ھنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اھڙي دانھن ايس ڊي او واپڊا کي بار بار ڏيڻ باوجود ڪوبه ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي.، هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فورن نوٽيس وٺي بجلي جو مسئلو حل ڪيو وڃي ٻي صورت م احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.