ڊيلٽا بابت وڏي پريشاني ختم، اڳواٽ موجود  ويڪسين سان علاج ممڪن

 

ڪورونا وبا سبب سڄي دنيا جون حالتون مٽجي ويون آهن هن وقت تائين ان وبا جا ڪيترا قسم اچي چڪا آهن تنهن هوندي به ڊيلٽا جو قسم سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ڏٺو ويو آهي.

صحت جي ماهرن ڪجهه وقت اڳ اهو انڪشاف ڪيو هو ته ڪورونا خلاف دنيا ۾ لڳندڙ مختلف ويڪسين وبا جي ڊيلٽا قسم کان ڪنهن به حوالي سان محفوظ نه ٿيون بڻائي سگهن.

ان حوالي سان هاڻي تحقيق ڪئي وئي آهي ته سائنو ويڪ ويڪسين جي ٽئين خوراڪ ڊيلٽا خلاف مدافعتي قوت جي نظام کي وڌيڪ طاقتور بڻائيندي آهي.

سائنو ويڪ ويڪسين جي ٽئين خوراڪ ڪورونا وائرس جي قسم ڊيلٽا خلاف اينٽي باڊيز جي سطح ۾ گهٽتائي کي واپس ڪري سگهي ٿي.

اها ڳالهه چين ۾ ڪيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي ، جنهن مان اهو اشارو ملي ٿو ته سائنو ويڪ جي ويڪسين ڪورونا ويڪ جي ٽئين خوراڪ ڪورونا جي خطرناڪ قسم ڊيلٽا جي درعمل ۾ مدد گار ثابت ٿي آهي.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سائنو ويڪ جي ڪووڊ ويڪسين جي ٽئين خوراڪ وائرس کي ناڪارا بڻائڻ لاءِ اينٽي باڊيز جي انگ ۾ ممڪن حد تائين اضافو ڪري ٿي.

نئين تحقيق جا نتيجا ان وقت سامهون آيا آهن جڏهن ڪورونا جي قسم ڊيلٽا دنيا ۾ ڪورونا وائرس  جي ٻين قسمن کي پوئتي ڪري ڇڏيو آهي.

چائنيز اڪيڊمي آف سائنس، فيورن يونيورسٽي، سائنو ويڪ ۽ ٻين چيني ادارن ان تحقيق ۾ ٻڌايو آهي ته سائنو ويڪ جون 2 خوراڪون استعمال ڪرڻ وارن ماڻهن  جي نمونن ۾ ڊيلٽا خلاف وائرس کي وڌيڪ ناڪارا بنائڻ واري اينٽي باڊيز ۾ وڏي حد تائين اضافو ٿيو آهي.

تحقيق ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته جن ماڻهن ويڪسين جي ٽئين خوراڪ لڳرائي آهي ان ۾ 4 هفتن کانپوءِ ٻئي خوراڪ استعال ڪرڻ جي چئن هفتن کانپوءِ هن جي مقابلي ۾ ڊيلٽا خلاف وائرس کي ناڪارا بنائڻ لاءِ اينٽي باڊي سرگرمين جي ڳولا نه ٿو ڪري سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.